اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته ڪتاب عمل، شعور ۽ ترقي جو بنياد آهي، معاشري جي ترقي جو دارومدار تعليم ۽ مطالعي تي ٻڌل آهي، نوجوان نسل جي ڪتاب سان دوستي کي هٿي وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽر روبينه خالد ڪتاب جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو آهي. …
ڪتاب عمل، شعور ۽ ترقي جو بنياد آهي: سينيٽر روبينه خالد

مزید خبریں
اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته ڪتاب عمل، شعور ۽ ترقي جو بنياد آهي، معاشري جي ترقي جو دارومدار تعليم ۽ مطالعي تي ٻڌل آهي، نوجوان نسل جي ڪتاب سان دوستي کي هٿي وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽر روبينه خالد ڪتاب جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته عمل ئي غربت جي خاتمي ۽ پٺ تي پيل علائقن جي ترقي جو اثرائتو ذريعو آهي. عورتن جي تعليم ۽ مطالعو انهن جي خودمختياري جي ضمانت آهي. جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مستحق عورتن جي شعور ۽ تعليم کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.هن چيو ته ڊجيٽل دور ۾ به ڪتاب جي اهميت گهٽ نه ٿي آهي پر وڌي آهي. مصنوعي ذهانت جي دور ۾ ڪتاب سان جڙيل رهڻ انسان کي منفرد بڻائي ٿو. هن چيو ته نئين نسل لاءِ ڊجيٽل ڊيٽا سان گڏوگڏ مطالعي جي عادت پڻ ضروري آهي. عورتن ۽ نوجوانن کي ڪتاب سان جڙيل رهڻ هڪ مضبوط ۽ باشعور معاشري جي ضمانت آهي.











