ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد -23 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 27 ھزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 31 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 31ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 60 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 60 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 32 هزار700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35هزارڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 15  هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن …

اسلام آباد -23 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 27 ھزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 31 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 31ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 60 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 60 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 32 هزار700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35هزارڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 15  هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1467.11 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.576 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح1161.10 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 2.170 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.40 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.280 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.