ڪتاب زندگي جي عظيم ترين فلسطي جي نمائندگي ڪري ٿو: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 23 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪتاب زندگي جي عظيم ترين فلسطي جي نمائندگي ڪري ٿو، اهو علم ۽ دانش ۾ اضافو ڪري ٿو، فڪري صلاحيتن کي جلا بخشي ٿو، معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڪتاب جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام م صدر …

اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪتاب زندگي جي عظيم ترين فلسطي جي نمائندگي ڪري ٿو، اهو علم ۽ دانش ۾ اضافو ڪري ٿو، فڪري صلاحيتن کي جلا بخشي ٿو، معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڪتاب جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام م صدر آصف علي زرداري چيو ته يونيسڪو جي اهتمام هيٺ سڄي دنيا ۾ ملهائجندڙ ڪتاب جو عالمي ڏينهن هڪ بامعنى روايت کي برقرار رکيو آهي، پاڪستان ۾ به اهو ڏينهن سمورن اسڪولن، ڪاليجن ۽ سرڪاري ادارن ۾ ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو وڃي ٿو، اهو موقعو ڪتابن جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪرڻ، مطالعي جي عادت کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪتابن مان رهنمائي ۽ علم حاصل ڪرڻ بابت شعور پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهي. صدر چيو ته ڪتاب زندگي جي عظيم ترين فلسفي جي نمائندگي ڪري ٿو، اهو علم ۽ دانش ۾ اضافو ڪري ٿو، فڪري صلاحيتن کي جلا بخشي ٿو، معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو، انساني سوچ ۽ عمل کي مهميز ڏي ٿو ۽ مختلف سماجي مسئلن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ موثر ذريعي جي طور تي ڪم ڪري ٿو، معاشرن کي ڪيترائي چئلينجز درپيش رهن ٿا ۽ انهن کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ ۽ زندگي جي مسئلن جو حل ڳولڻ جي لاءِ ڪتابن جي مطالعي جي سخت ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ جي پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) کي اڪثر هڪ اهڙي رجحان طور ڏٺو وڃي ٿو جيئن ته اسان اڳ ۾ ئي “بعد از ڪتاب دور” ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، حقيقت ان جي ابتڙ آهي، مصنوعي ذهانت ۽ الگورٿم جي دور ۾ به ڪتاب متروڪ نه آهن پر انهن جي اهميت اڳ کان به وڌي وئي آهي خاص طور تي پاڪستان ۾ جتي اداراجاتي صلاحيت، ميڊيا جي نظام ۽ تعليم جي معيار ۾ فرق ڏٺو وڃي ٿو. هن چيو ته ڪتاب ماضي جو ڪو قديم ورثو نه آهن پر واضح سوچ، ثقافتي تسلسل ۽ باخبر فيصلاسازي جو بنياد آهن، هڪ اهڙي ماحول ۾ جتي مصنوعي ذهانت عام ٿي رهي هجي، حقيقي برتري انهن ماڻهن کي حاصل هوندي جيڪي گهرائي سان مطالعو ڪرڻ، آزاداڻي سوچڻ ۽ مصنوعي ذهانت کي بيساکي بدران هڪ صلاحيت جي طور تي استعمال ڪندا هجن. صدر چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڪتاب هڪ مخلص ۽ سچو دوست آهي، بني نوع انسان جو بهترين مطالعو پاڻ انسان آهي ۽ ڪتاب اسان کي عظيم شخصيتن جي زندگين، واقعن، ڪارنامن، انقلابن، ڪاميابين ۽ ناڪامين کان متعارف ڪرائين ٿا، جن مان هر هڪ اسان جي لاءِ هڪ قيمتي سبق آهي، انهن سبقن جي ذريعي اسان مستقبل جي لاءِ ڪامياب منصوبابندي ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ڪتاب پاڻ آگاهي، ڪردارسازي ۽ هڪ مثالي معاشري جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، تاريخ گواهه آهي ته ڪتابن سدائين ماڻهن کي پنهنجي معاشرن جي پائيدار ڪاميابي کي حاصل ڪرڻ طرف رهنمائي فراهم ڪئي آهي، ڪتابن ۾ اسان جيڪو ڪجهه پڙهون ٿا ۽ سکون ٿا اهو سڄي زندگي اسان سان گڏ رهي ٿو ۽ هر قدم تي اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۾ مطالعي جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪتاب ڏهاڙو شاندار جزبي سان ملهايو وڃي ٿو، لاڳاپيل ادارا ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن خاص طور تي نيشنل بڪ فائونڊيشن جيڪو مطالعي جي ڪلچر کي عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ڪيترن ئي سالن کان اهو ادارو ڪتاب ڏهاڙي تي وڏي پئماني تي ڪتاب ميلا منعقد ڪري رهيو آهي جن ۾ لکين ماڻهو مطالعي جي شوق کي جلا ڏيڻ جي لاءِ شريڪ ٿين ٿا. صدر چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪتاب ڏهاڙي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ڪتابن جي اهميت ۽ افاديت تي زور ڏنو وڃي ۽ نئين نسل کي مطالعي مان فائدو کڻڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن انهن ۾ مطالعي جو شوق پيدا ٿي سگهي جيڪو نه رڳو ذاتي ڪاميابي پر پوري قوم جي ترقي جو سبب بڻجي.