پاڪستان 5 ڏهاڪن دوران 16 ڪروڙ ٻارن ۽ 13 ڪروڙ مائرن کي ويڪسينز ذريعي تحفظ فراهم ڪيو: صحت وارو عالمي ادارو

اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) پاڪستان، صحت جي عالمي اداري (ڊبيلو ايڇ او) ۽ ٻين ڀائيوارن جي سهڪار سان گذريل پنجن ڏهاڪن دوران 16 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن ۽ 13 ڪروڙ مائرن کي زندگي بچائيندڙ ويڪسينز ذريعي تحفظ فراهم ڪيو، اها اڳڀرائي 1978ع ۾ پاڪستان جي حفاظتي ٽُڪن بابت توسيعي پروگرام (اي پي آءِ) جي قيام کان پوءِ ممڪن ٿي. ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ موجب طبي سائنس عيوض …

اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) پاڪستان، صحت جي عالمي اداري (ڊبيلو ايڇ او) ۽ ٻين ڀائيوارن جي سهڪار سان گذريل پنجن ڏهاڪن دوران 16 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن ۽ 13 ڪروڙ مائرن کي زندگي بچائيندڙ ويڪسينز ذريعي تحفظ فراهم ڪيو، اها اڳڀرائي 1978ع ۾ پاڪستان جي حفاظتي ٽُڪن بابت توسيعي پروگرام (اي پي آءِ) جي قيام کان پوءِ ممڪن ٿي. ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ موجب طبي سائنس عيوض پاڪستان 1976ع ۾ چمڙيءَ جي بيماري (سمال پاڪس) جو خاتمو ڪيو، حفاظتي ٽُڪن واري پروگرام کان هاڻ تائين علاج جوڳين بيمارين سبب ٿيندڙ تقريبن 26 لک ٻارن جي موت کي روڪيو ويو آهي. عالمي سطح تي به ويڪسينز 1974ع کان هاڻ تائين 15 ڪروڙ 40 لک زندگيون بچايون آهن. پاڪستان انهن پنجن سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي جتي ويڪسينيشن سبب ٻارن جي فوتگين ۾ نمايان گهٽتائي آهي. پاڪستان 1994ع کان هاڻ تائين فالج سٽيل پوليو جي ڪيسز ۾ 99.8 سيڪڙو گهٽتائي حاصل ڪئي جيڪي اندازن 20 هزار ڪيسن کان گهٽ ٿي 2025ع ۾ صرف 31 رهجي ويا. اهڙيءَ طرح صحت جي عالمي اداري پنجاب، سنڌ، آزاد ڪشمير، اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ ٻار ڄڻڻ ۽ نَون ڄاول ٻارن کي جهٽڪن جي بيماري (ايم اين ٽي اي) جي خاتمي جي تصديق ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ جي تقريبن 80 سيڪڙو آبادي اهڙن علائقن ۾ رهي ٿي جتي جهٽڪن جي بيمارين هاڻ خطرو ناهي رهي. صحت واري اداري موجب پاڪستان جو اي پي آءِ پروگرام ٻارن جي مجموعي فوتگين ۾ 17 سيڪڙو تائين گهٽتائي جو سبب بڻجي ٿي. پاڪستان حڪومت جي قيادت ۽ گيوي، دي ويڪسين الائنس جي سهڪار سان هر سال 70 لک کان وڌيڪ ٻارن ۽ 55 لک عورتن کي 13 مختلف بيمارين خلاف ويڪسين فراهم ڪئي ويندي آهي، ان کان علاوه پوليو جي خاتمي لاءِ جاري مهمن دوران 4 ڪروڙ 50 لک ٻارن کي هر ڀيري ويڪسين ڏني وڃي ٿي. صحت واري عالمي اداري 15 هزار کان وڌيڪ معمول جا ويڪسينيٽرز ۽ 4 لک کان وڌيڪ فرنٽ لائن پوليو ورڪرز جي تربيت ۽ معاونت فراهم ڪري ٿو جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو پوليو ويڪسينيشن نيٽ ورڪ آهي. حفاظتي ٽُڪن جو هفتو (24 اپريل کان پهرين مئي) کان اڳ پاڪستان ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندي ڊاڪٽر لوودا پينگ فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز، سائنسدانن، عملدارن ۽ ڀائيوارن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ويڪسينز زندگيون بچائين ٿيون ۽ ٻارن کي خطرناڪ بيمارين کان محفوظ رکن ٿيون. هن زور ڀريو ته سائنسي شاهديون واضح ۽ مضبوط آهن، تنهنڪري فيصلا خوف يا غلط ڄاڻ بدران سائنسي بنيادن تي هئڻ گهرجن. هن چيو ته ڊبيلو ايڇ او پاڪستان، فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف اميونائزيشن ۽ پوليو جي خاتمي جي پروگرام سان گڏجي هر ٻار ۽ هر ماءُ تائين ويڪسين جي فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ پُرعزم آهيون چاهي انهن جو تعلق ڪنهن به علائقي يا سماجي ۽ معاشي پسِ منظر سان هجي.

مزید خبریں