اسلام آباد - 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي عزم جو اظهار ڪندي پوليو جي خلاف جنگ ۾ پوليو جي خاتمي جي ٽيم جي ڀرپور ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي بابت اهم جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي …
وزيراعظم جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي بابت اهم جائزه اجلاس، ملڪ مان پوليو جي موذي مرض جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون: شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي عزم جو اظهار ڪندي پوليو جي خلاف جنگ ۾ پوليو جي خاتمي جي ٽيم جي ڀرپور ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي بابت اهم جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارر، قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفى ڪمال، قومي صحت واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ڀرٿ، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن سينيٽر عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ مان پوليو جي موذي مرض جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم پوليو جي خلاف جنگ ۾ پوليو جي خاتمي واري ٽيم جي ڀرپور ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. اجلاس ۾ پوليو جي خاتمي وارن قدمن تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته سال 2026ع دوران هيستائين پاڪستان ۾ پوليو جو رڳو هڪ ڪيس، سجاول ضلعي مان رپورٽ ٿيو آهي. 2024ع ۾ پوليو جا 74 ڪيسز ۽ 2025ع ۾ 31 ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، اسلام آباد، گلگت بتلستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير مان هن سال هيستائين پوليو جو ڪو ڪيس سامهون ناهي آيو. سال 2025ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ ملڪ جا 67 ضلعا پوليو کان متاثر هئا جن جو انگ سال 2026ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ گهٽ ٿي 23 رهجي ويو. نيشنل هائوس هولڊ ڪوريج سمورين پوليو جي خاتمي وارين مهمن ۾ 98 سيڪڙو رهي. خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي ضلعن ۾ بهتر پهچ ۽ پوليو جي خاتمي واري مهم جي ڪري پوليو کان بچاءُ جي ڦڙن کان محروم رهجي ويندڙ ٻارن جي انگ ۾ گهٽتائي آئي آهي. اهڙي طرح ڪوئيٽا بلاڪ ۾ پوليو وائرس جي مقامي ڦهلاءُ ۾ وڏي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. ڪراچي ۾ مارچ جي مهيني ۾ 12 مان 10 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس نه ڏٺو ويو جيڪا هڪ سٺي اڳڀرائي آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڊيره اسماعيل خان ضلعي ۾ سيپٽمبر 2025ع کان پوليو جو ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو. بنون ضلعي ۾ پوليو کان وڌيڪ متاثر يونين ڪائونسلن جو انگ 62 کان گهٽ ٿي 6 رهجي ويو. وڌيڪ اهو ته وفاق ۽ صوبائي سطح تي اي پي آءِ ۽ پي اي آءِ جي انضمام جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قدمن کي پوليو جي خاتمي سان ڳنڍڻ ۽ مشروط ڪرڻ جي حوالي سان پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي.











