اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته زمين جو موجوده دؤر هڪ اهم گڏيل عالمي چئلينج بڻجي چڪو آهي، جنهن کي اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي شعور، مربوط حڪمتِ عملي ۽ عملي قدم اڻٽر آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار هن زمين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هلندڙ سال جو موضوع اسان …
زمين جو تحفظ گڏيل عالمي چئلينج، ان کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي شعور ۽ مربوط حڪمتِ عملي جي ضرورت آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته زمين جو موجوده دؤر هڪ اهم گڏيل عالمي چئلينج بڻجي چڪو آهي، جنهن کي اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي شعور، مربوط حڪمتِ عملي ۽ عملي قدم اڻٽر آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار هن زمين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هلندڙ سال جو موضوع اسان جي طاقت، اسان جو گرهه (تارو) ان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو ته زمين جي بقا ۽ سلامتي جو دارومدار انسانيت جي گڏيل ڪوششن تي آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته زمين جو تحفظ موجوده دؤر جو اهم ۽ گڏيل عالمي چئلينج بڻجي چڪو آهي، جنهن کي اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي ۽ مربوط حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به تيزيءَ سان شدت اختيار ڪريا آهن، وڌندڙ گرمي پد، پاڻي جي کوٽ، فضائي گدلاڻ ۽ ٻيلن ۾ کوٽ جهڙا عمل نه صرف ماحول پر ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل لاءِ به سنگين خطرا بڻجي چڪا آهن. هن زور ڀريو ته انهن چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ صرف پاليسي سازي ئي ڪافي ناهي پر انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي طرزِ زندگيءَ ۾ هاڪاري تبديلي اڻٽر آهي. هن وڌيڪ چيو ته وڻن جي پوکي، پاڻي ۽ توانائيءَ جي دانشمنداڻي استعمال، پلاسٽڪ جي گهٽ کان گهٽ استعمال ۽ صفائيءَ جهڙا قدم بظاهر معمولي ڏسجن ٿا، پر مجموعي طور تي اهي ماحولياتي تحفظ ۾ نهايت اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن تعليمي ادارن، سماجي تنظيمن ۽ خاص ڪري نوجوانن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ماحولياتي شعور جي بيداري ۽ پائيدار طرزِ زندگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ان جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو. سينيٽ چيئرمين، سينيٽ جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته سينيٽ ماحولياتي تحفظ لاءِ قانونسازي، لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽين جي فعاليت ۽ پاليسي نگرانيءَ ذريعي نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. هن چيو ته ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي، قدرتي وسيلن جي تحفظ ۽ جٽادار ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيترائي قدم غور هيٺ آهن، جيڪي ملڪ کي هڪ محفوظ، متوازن ۽ جٽادار ماحولياتي نظام طرف گامزن ڪندا. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل هڪ صاف، سرسبز ۽ محفوظ ماحول سان واڳيل آهي ۽ اها اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ زمين کي بهتر حالت ۾ ڇڏيون. هن عوام کي اپيل ڪئي ته زمين جي ڏهاڙي کي فقط هڪ ڏينهن تائين محفوظ نه رکيو وڃي پر ان کي مستقل بنيادن تي ماحول دوست طرزِ زندگي اختيار ڪرڻ جي عزم ۾ تبديل ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي اجتماعي طاقت کي هاڪاري ۽ تعميري رُخ ۾ ڪتب آڻيون ته هڪ پائيدار، محفوظ ۽ خوشحال مستقبل کي حاصل ڪرڻ ممڪن آهي ۽ اهائي اسان جي گرهن (تارن) سان حقيقي وفادار جي گهُرج آهي.










