گذريل رات پيڪ ٽائيم ۾ بجلي جي فراهمي بهتر رهي: پاور ڊويزن جو ترجمان

اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته گذريل رات پيڪ ٽائيم ۾ بجلي جي فراهمي بهتر رهي. ڊيمن مان صوبن طرفان گهرج تي پاڻيءَ جي نيڪال سان 5125 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي. گذريل ڏينهن ملڪ ۾ بجليءَ جي صورتحال تي جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته ملڪ جي ڏکڻ کان سينٽر ۾ 400 ميگاواٽ گرڊ ۾ استحڪام سبب فراهمي جاري رهي. بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين …

اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته گذريل رات پيڪ ٽائيم ۾ بجلي جي فراهمي بهتر رهي. ڊيمن مان صوبن طرفان گهرج تي پاڻيءَ جي نيڪال سان 5125 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي. گذريل ڏينهن ملڪ ۾ بجليءَ جي صورتحال تي جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته ملڪ جي ڏکڻ کان سينٽر ۾ 400 ميگاواٽ گرڊ ۾ استحڪام سبب فراهمي جاري رهي. بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين ڪالهه رات پيڪ ۾ ڊيمانڊ ۾ واڌ باوجود بهتر بجلي سپلاءِ عيوض هڪ ڪلاڪ کان 2 ڪلاڪن تائين جي لوڊ مئنجمينٽ ڪئي. هن چيو ته ملڪ جا وڏا نقصان ڏيندڙ فيڊرز تي پاليسي موجب اڪنامڪ لوڊ مئنجمينٽ جاري رهندي، اڪنامڪ لوڊ مئنجمينٽ جو پيڪ ٽائيم لوڊ مئنجمينٽ سان ڪو تعلق ناهي. ترجمان چيو ته ايل اين جي جي دستيابيءَ سان پيڪ ٽائيم لوڊ مئنجمينٽ پڻ ختم ٿي ويندي، ايل اين جي عدم دستيابيءَ عيوض 5500 ميگاواٽ جي پاور پلانٽن مان بجلي پيدا ناهي ٿي رهي.

مزید خبریں