وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اليڪٽرڪ وهيڪلز جي فروغ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اليڪٽرڪ وهيڪلز جي فروغ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ بجلي سان هلندڙ گاڏين کي هٿي وٺرائڻ بابت جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، …

اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اليڪٽرڪ وهيڪلز جي فروغ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ بجلي سان هلندڙ گاڏين کي هٿي وٺرائڻ بابت جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، اويس خان لغاري، احسن اقبال، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي هدايت ڪئي ته اليڪٽرڪ وهيڪلز (اي وي) جي فروغ جي لاءِ تيزي سان قدم کنيا وڃن. موجوده علائقائي صورتحال ۽ مستقبل جي ضرورتن جي ڏس ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي فروغ سان نه رڳو ٻارڻ جي درآمدي بار ۾ گهٽتائي ايندي، پر اهو ماحولياتي تحفظ ۽ انرجي سيڪيورٽي جي لاءِ پڻ انتهائي اهم آهي. هن قومي اي – وي پاليسي تحت گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن تي ڏني ويندڙ سبسڊي ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ ۽ ان اسڪيم جي لاڳو ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي اليڪٽرڪ وهيڪلز جي ملڪي سطح تي واڌاري جي لاءِ جاري قدمن تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ٺاهڻ جي لاءِ 72 جڏهن ته اليڪٽرڪ گاڏين جي لاءِ 4 مينوفيڪرچنگ سرٽيفڪيٽ جاري ٿي چڪا آهن. ان کانسواءِ اي وي چارجنگ اسٽيشنون قائم ڪرڻ جي لاءِ هيستائين 123 درخواستون مليون آهن. بريفنگ موجب اهڙي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي جو ايندڙ 5 سالن ۾ ملڪ ۾ 30 سيڪڙو گاڏيون بجلي سان هلن جنهن سان اندازي موجب 4.5 بلين ڊالر تائين ٻارڻ جي بچت ٿيندي. بريفنگ موجب گريڊ 16 تائين جي سرڪاري ملازمن کي آسان قسطن تي اليڪٽرڪ بائيڪس فراهم ڪيون وينديون.

مزید خبریں