اسلام آباد- 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي ۾ واڌ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٿورا مڃيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٻئي ڌريون جنگبندي تي عملدرآمد جاري رکنديُون ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي ٻئي دور ۾ هڪ جامع "امن معاهدي" تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿينديُون. اربع ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس" تي هڪ بيان …
وزيراعظم پاران آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي ۾ واڌ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ ٿورن جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي ۾ واڌ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٿورا مڃيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٻئي ڌريون جنگبندي تي عملدرآمد جاري رکنديُون ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي ٻئي دور ۾ هڪ جامع "امن معاهدي” تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿينديُون. اربع ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس” تي هڪ بيان ۾، وزيراعظم چيو ته هو ذاتي طور تي ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي طرفان صدر ٽرمپ جو ٿورائتو آهي جنهن پاڪستان جي درخواست کي قبول ڪندي جنگبندي ۾ واڌ ڪئي ته جيئن سفارتي ڪوششن کي اڳتي وڌائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ڏنل اعتماد جي ڏس ۾ تڪرار جي ڳالهين وسيلي حل لاءِ ڀرپُور ڪوششون جاري رکندو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون جنگبندي تي عمل درآمد جاري رکنديُون ۽ تڪرار جي مستقل حل لاءِ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي ٻئي دور ۾ هڪ جامع "امن معاهدي” تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿينديُون.











