صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي گورنر نهال هاشمي جي ملاقات

ڪراچي - 21 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي گورنر نهال هاشمي بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مجموعي سياسي صورتحال، خاص طور تي سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۽ بهتر سماجي خدمتن سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي …

ڪراچي – 21 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي گورنر نهال هاشمي بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مجموعي سياسي صورتحال، خاص طور تي سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۽ بهتر سماجي خدمتن سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري صوبي ۾ موثر طرز حڪمراني ۽ عوامي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر هدايت ڪئي ته صوبي ۾ حڪومت، سماجي، سياسي ۽ ڪاروباري ڌرين سان موثر حصيداري عمل کي فروغ ڏنو وڃي. صدر آصف علي زرداري چيو ته قومي ۽ صوبائي سطح تي هم آهنگي جي فروغ ۽ عوامي خدمت جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي.

مزید خبریں