وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاران ڪامن ويلٿ ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ سمٽ ۾ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان سان ڀائيواريءَ جي دعوت

لنڊن-21 اپريل (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ڪامن ويلٿ جي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائيواري، بهتر رابطن ۽ گڏيل اقتصادي موقعن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان کُليل آهي، پاڪستان تيار آهي ۽ پاڪستان اوهان جو پهريون ڀائيوار بڻجڻ چاهي ٿو. لنڊن ۾ رٿيل ڪامن ويلٿ ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ سمٽ (سي ٽي آءِ ايس 2026ع) کي خطاب ڪندي هن …

لنڊن-21 اپريل (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ڪامن ويلٿ جي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائيواري، بهتر رابطن ۽ گڏيل اقتصادي موقعن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان کُليل آهي، پاڪستان تيار آهي ۽ پاڪستان اوهان جو پهريون ڀائيوار بڻجڻ چاهي ٿو. لنڊن ۾ رٿيل ڪامن ويلٿ ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ سمٽ (سي ٽي آءِ ايس 2026ع) کي خطاب ڪندي هن پاڪستان کي هڪ متحرڪ، سڌارن تي ٻَڌل ۽ سيڙپڪاري لاءِ تيار معيشت طور تي پيش ڪيو ۽ عالمي ڀائيوارن کي پاڪستان ۾ موجود وسيع سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. ڪامن ويلٿ جي ميمبر ملڪن مان آيل معزز نمائندن، پاليسي سازن ۽ ڪاروباري اڳواڻن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير برطانيه جي حڪومت، ڪامن ويلٿ انٽرپرائزز اينڊ انويسٽ ڪائونسل (سي ڊبليو اي آءِ سي) جي چيئرمين لارڊ مارلينڊ جو ان اهم سمٽ جي بندوبست تي شڪريو ادا ڪيو. هن برطانيه ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل جي معاونت کي به ساراهيو جنهن جي ڪوششن سان پاڪستان جي اثرائتي ڀائيواري ممڪن ٿي. وفاقي وزير عالمي سيڙپڪارن کي واضح پيغام ڏيندي چيو ته پاڪستان کُليل آهي، پاڪستان تيار آهي ۽ پاڪستان اوهان جو پهريون ڀائيوار بڻجڻ چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته 24 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جنهن ۾ اڪثريت نوجوانن جي آهي، بهتر ٿيندڙ معاشي صورتحال ۽ سڌارن تي ٻَڌل حڪومتي حڪمتِ عملي سبب پاڪستان هڪ نئين دؤر جي استحڪام، موقعن ۽ ترقيءَ جي چائنٺ تي بيٺل آهي. پاڪستان جي اسٽريٽجڪ رُخ کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان معاشي بحالي، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائن ۽ اداره جاتي سڌارن جي ايجنڊا تي اثرائتي انداز ۾ عمل پيرا آهي، جنهن جو مقصد پائيدار ترقي ۽ عالمي چٽاڀيٽيءَ کي هٿي وٺرائڻ آهي. وفاقي وزير پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا، وچ اوڀر ۽ چين وچ ۾ هڪ اهم رابطي واري پُل جي حيثيت رکي ٿو. هن ٻُڌايو ته گوادر ۽ ڪراچيءَ جون بندرگاهون فعال ۽ محفوظ آهن، جڏهن ته سي پيڪ تحت تيار ٿيندڙ انفراسٽرڪچر عالمي سيڙپڪارن کي 3 ارب کان وڌيڪ ماڻهن جي مارڪيٽن تائين پهچ فراهم ڪري ٿو. هن ڪامن ويلٿ جي ملڪن کي دعوت ڏني ته هو پاڪستان کي مينيوفيڪچرنگ حب، ٽرانزٽ معيشت ۽ هڪ محفوظ سيڙپڪاري منزل طور تي استعمال ڪن. اهم سڌارن جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير ٻُڌايو ته ڪاروباري ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته سيڙپڪاري بورڊ وزيراعظم آفيس تحت سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جو مرڪزي ادارو آهي، جيڪو ضابطن کي آسان بنائڻ، شفافيت وڌائڻ ۽ ون ونڊو سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل آهي. هن پاڪستان انويسٽمينٽ پاليسي 2023ع جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن جو مقصد سيڙپڪاريءَ جي تناسب کي جي ڊي پي جي 15 سيڪڙو مان وڌائي 20 سيڪڙو ڪرڻ آهي، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي بهتر هم آهنگيءَ ذريعي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هن پاڪستان ريگيوليٽري ماڊرنائزيشن انيشيئٽو تحت 400 کان وڌيڪ سڌارن جو به ذڪر ڪيو، جن مان ڪاروباري لاڳت ۾ نمايان گهٽتائي ۽ ريگيوليٽري نظام ۾ بهتري آئي آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته آسان ڪاروبار ايڪٽ 2025ع، بزنس فيسيليٽيشن سينٽرز ۽ ڊجيٽلائزيشن جهڙا قدم جن ۾ اِي رجسٽري ۽ بزنس پورٽلز شامل آهن، ان تحت پاڪستان جي ڪاروباري ماحول کي جديد رُخن تي آڻي رهيا آهيون. انهن قدمن سان منظوريءَ جي عمل ۾ تيزي، قاعدن ۽ ضابطن ۾ آساني ۽ نَون ڪاروبارن جي قيام ۽ روزگار جي موقعن ۾ واڌ ٿيندي. سيڙپڪاريءَ جي موقعن تي روشني وجهندي هن توانائي، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، زراعت، ٽيڪسٽائل، فارماسيوٽيڪل، معدنيات، سياحت ۽ خاص ڪري اقتصادي زونز کي ترجيحي شعبو قرار ڏنو. هن چيو ته انهن زونز ۾ ٽيڪس ڇوٽ ۽ مشينريءَ جي ڊيوٽي فري آمدني واپار جهڙيون مراعتون دستياب آهن، جيڪي پاڪستان کي صنعتي سيڙپڪاريءَ لاءِ هڪ مثالي مقام بڻائين ٿيون. وفاقي وزير اها تجويز پڻ پيش ڪئي ته ايندڙ ڪامن ويلٿ ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ سمٽ 2027ع يا 2028ع اسلام آباد ۾ رٿي وڃي ته جيئن عالمي سيڙپڪار پاڪستان جي سيڙپڪاري ماحول، انفراسٽرڪچر ۽ سڌارن وارن قدمن کي سڌيءَ ريت مشاهدو ڪري سگهن. پاڪستان جي عالمي سهڪار جي عزم جو ورجاءُ ڪندي هن ڪامن ويلٿ جي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڀائيواري، بهتر رابطن ۽ گڏيل اقتصادي موقعن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو. سيڙپڪاري بورڊ پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، سڌارن جي تسلسل ۽ اثرائتي عالمي رابطن ذريعي پاڪستان کي هڪ نمايان عالمي سيڙپڪاري مرڪز بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي.

مزید خبریں