اوگرا پاران سوئي سدرن گيس ڪمپني لميٽڊ، فاطمه فرٽ لميٽڊ ۽ ايگري ٽيڪ لميٽيڊ بابت مقرر عوامي ٻُڌڻيون ملتوي ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) اڻٽر سببن جي بنياد تي سوئي سدرن گيس ڪمپني لميٽڊ، فاطمه فرٽ لميٽڊ ۽ ايگري ٽيڪ لميٽڊ بابت مقرر عوامي ٻُڌڻيون ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اوگرا موجب ڄاڻايل عوامي ٻُڌڻيون 22 اپريل ۽ 23 اپريل تي اوگرا هيڊ آفيس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻيون هيون جڏهن ته موجوده اڻوڻندڙ صورتحال ۽ هنگامي نوعيت جي انتظامي قدمن …

اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) اڻٽر سببن جي بنياد تي سوئي سدرن گيس ڪمپني لميٽڊ، فاطمه فرٽ لميٽڊ ۽ ايگري ٽيڪ لميٽڊ بابت مقرر عوامي ٻُڌڻيون ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اوگرا موجب ڄاڻايل عوامي ٻُڌڻيون 22 اپريل ۽ 23 اپريل تي اوگرا هيڊ آفيس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻيون هيون جڏهن ته موجوده اڻوڻندڙ صورتحال ۽ هنگامي نوعيت جي انتظامي قدمن سبب ٻُڌڻيون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اوگرا چيو ته صورتحال بهتر ٿيندي ئي عوامي ٻُڌڻين جي نئين تاريخن جو اعلان اشتهار ذريعي ڪيو ويندو.

مزید خبریں