سپريم ڪورٽ 22 اپريل تي محدود عملي سان فعال رهندي، غير حاضريءَ تي ڪوبه منفي حڪم نه هوندو

اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 22 اپريل 2026ع لاءِ اهم انتَظامي حڪمنامو جاري ڪندي اعلان ڪيو آهي ته عدالت محدود عملي سان ڪم ڪندي، جڏهن ته ٻيا آفيسر ۽ ملازم گهر مان فرض انجام ڏيندا. ڪالهه جاري نوٽيفڪيشن موجب اهو فيصلو ڪابينه ڊويزن طرفان 21 اپريل تي جاري ڪيل هدايتن جي روشنيءَ ۾ ڪيو ويو. حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته سمورا لاڳيپل آفيسر پنهنجي …

اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 22 اپريل 2026ع لاءِ اهم انتَظامي حڪمنامو جاري ڪندي اعلان ڪيو آهي ته عدالت محدود عملي سان ڪم ڪندي، جڏهن ته ٻيا آفيسر ۽ ملازم گهر مان فرض انجام ڏيندا. ڪالهه جاري نوٽيفڪيشن موجب اهو فيصلو ڪابينه ڊويزن طرفان 21 اپريل تي جاري ڪيل هدايتن جي روشنيءَ ۾ ڪيو ويو. حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته سمورا لاڳيپل آفيسر پنهنجي سپروائزنگ آفيسرن سان لڳاتار رابطن ۾ رهن ۽ موبائل فون ذريعي دستياب هجن. پڌرائيءَ موجب 22 اپريل تي اسلام آباد ۾ فائنل ڪاز لسٽ ۾ مقرر ڪيسن ۾ ڪنهن ڌُر يا وڪيل جي غير حاضريءَ تي ڪو منفي حڪم جاري نه ڪيو ويندو. ان کان علاوه سپريم ڪورٽ جي لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽه ۾ قائم برانچون رجسٽريون معمول موجب کُليل رهنديون.

مزید خبریں