ملڪ ۾ 17 اپريل کان بجليءَ جي فراهميءَ ۾ بهتري آئي آهي، 17،18 ۽ 19 اپريل تي رات جي پيڪ وقت ۾ ڪا لوڊ مئنجمينٽ نه ڪئي وئي: پاور ڊويزن جو ترجمان

اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته ملڪ ۾ 17 اپريل کان بجليءَ جي فراهميءَ ۾ بهتري آئي آهي، 17،18 ۽ 19 اپريل تي رات جي پيڪ وقت ۾ ڪا لوڊ مئنجمينٽ نه ڪئي وئي، ڊيمن مان صوبن جي ڊيمانڊ تي پاڻيءَ جي نيڪال ۾ واڌ سان رات جي پيڪ وقت ۾ 5 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. گذريل ڏينهن ملڪ ۾ …

اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته ملڪ ۾ 17 اپريل کان بجليءَ جي فراهميءَ ۾ بهتري آئي آهي، 17،18 ۽ 19 اپريل تي رات جي پيڪ وقت ۾ ڪا لوڊ مئنجمينٽ نه ڪئي وئي، ڊيمن مان صوبن جي ڊيمانڊ تي پاڻيءَ جي نيڪال ۾ واڌ سان رات جي پيڪ وقت ۾ 5 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. گذريل ڏينهن ملڪ ۾ بجليءَ جي صورتحال تي جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته ملڪ جي ڏکڻ مان به 400 ميگاواٽ گرڊ ۾ وڌيڪ بجليءَ جي موجودگيءَ سان استحڪام سبب سينٽر ۾ آڻڻ ۾ مدد ملي آهي. 20 اپريل تي ملڪ جي اڪثر بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين رات جي وقت صرف هڪ ڪلاڪ جي لوڊ مئنجمينٽ ڪئي، صرف گيپڪو ۽ سيپڪو ۾ رات جي پيڪ وقتن ۾ ٻن ڪلاڪن جي لوڊ مئنجمينٽ ڪئي. ترجمان موجب ملڪ ۾ ايل اين جي سان هلندڙ 5500 ميگاواٽ جي پاور پلانٽس مان بجلي پيدا ناهي ٿي رهي، جيئن ئي ايل اين جي دستيابي ممڪن ٿيندي، اهي سمورا پلانٽس بجلي جي پيداوار شروع ڪري ڇڏيندا. ملڪ ۾ بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين ۾ چوري ۽ ٻين نقصانن جي بنياد تي لوڊ مئنجمينٽ جاري رهندي، چوري ۽ نقصانن جي بنياد تي لوڊ مئنجمينٽ پاليسيءَ جو حصو آهي، جنهن جو پيڪ لوڊ مئنجمينٽ سان ڪو تعلق ناهي. ايل اين جي دستيابي کانپوءِ به چوري ۽ نقصانن جي بنياد تي لوڊ مئنجمينٽ جاري رهندي.

مزید خبریں