اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو آهي ته علامه اقبال ننڍي کنڊ جو عظيم مفڪر، شاعر ۽ اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي فڪر ۽ فلسفي سان مسلمانن ۾ خودي، بيداري ۽ آزاديءَ جو روح ڦُوڪيو. مفڪرِ پاڪستان ۽ اوڀر جي شاعر علامه اقبال جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته علامه اقبال جو فڪر اڄ به اسان …
اوڀر جي شاعر علامه اقبال پنهنجي فڪر ۽ فلسفي سان مسلمانن ۾ خودي، بيداري ۽ آزاديءَ جو روح ڦُوڪيو: مملڪتي وزير وجيهه قمر

مزید خبریں
اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو آهي ته علامه اقبال ننڍي کنڊ جو عظيم مفڪر، شاعر ۽ اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي فڪر ۽ فلسفي سان مسلمانن ۾ خودي، بيداري ۽ آزاديءَ جو روح ڦُوڪيو. مفڪرِ پاڪستان ۽ اوڀر جي شاعر علامه اقبال جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته علامه اقبال جو فڪر اڄ به اسان جي تعليمي، فڪري ۽ قومي رهنمائيءَ جو اهم سرچشمو آهي. سندس پيغام خاص ڪري نوجوانن لاءِ مشعل راهه آهي ته هو علم، ڪردار ۽ خود اعتمادي کي اختيار ڪندي ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت تعليمي نظام ۾ اهڙن سڌارن لاءِ ڪوشان آهي، جيڪا نوجوانن کي اقبال جي فڪر سان روشناس ڪرائي ۽ کين هڪ باوقار، خوداعتماد ۽ ذميوار شهري بڻجڻ ۾ مدد ڏي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اسان علامه اقبال جي تصور خودي ۽ فڪر پاڪستان کي هٿي وٺرائيندي هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ اُسرندڙ پاڪستان جي تعمير لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين.











