اسلام آباد - 21 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ تازي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان سدائين کان مسئلن جي حل ۽ خطي ۾ پائيدار امن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ تازي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان سدائين کان مسئلن جي حل ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي واحد موثر رستو سمجهي ٿو. هن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ٻنهي ڌرين کي جنگبندي ۾ توسيع تي غور ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي موقعو ڏيڻ جي اپيل ڪئي. ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر خطي ۾ امن جي فروغ ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ۽ مثبت ڪردار کي ساراهيو.











