اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته جي ايس پي پلس سهولت يورپي يونين جي معاشي ناتن جو هڪ اهم ٿنڀ آهي، ڪُلي معيشت مستحڪم آهي، عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن سان ٻيهر رابطن جي شروعات سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ٿي رهي آهي، حڪومت منظم ۽ مستقبل عالمي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي. هن اها …
جي ايس پي پلس سهولت يورپي يونين جي معاشي ناتن جو هڪ اهم ٿنڀ آهي: وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته جي ايس پي پلس سهولت يورپي يونين جي معاشي ناتن جو هڪ اهم ٿنڀ آهي، ڪُلي معيشت مستحڪم آهي، عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن سان ٻيهر رابطن جي شروعات سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ٿي رهي آهي، حڪومت منظم ۽ مستقبل عالمي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي. هن اها ڳالهه اڱاري جي ڏينهن هتي پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ريمونڊاس ڪاروبلس سان ملاقات دوران چئي. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته پاڪستان ويجهڙ ۾ 4 سالن جي وقفي کانپوءِ يورو بانڊ ذريعي عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن ۾ ٻيهر قدم رکيو آهي، جنهن ۾ سيڙپڪارن جي ڀرپور دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي، اها اڳڀرائي معيشت جي بهتر ٿيندڙ بنيادن جي عڪاسي آهي ۽ اها پاڪستان جي عالمي مالياتي نظام ۾ هاڪاري اڳڀرائي جي علامت آهي. محمد اورنگزيب ٻُڌايو ته حڪومت هڪ مختلف ڪيپيٽل مارڪيٽ حڪمت عملي تي عمل ڪري رهي آهي، جنهن ۾ آئينده لاءِ عالمي بانڊ جاري ڪرڻ ۽ جديد مالياتي ذريعا شامل آهن ته جيئن پرڏيهي مالياتي سهارو مضبوط ڪري سگهجي ۽ جٽادار مالي وسيلن کي يقيني بڻائي سگهجي. ملاقات ۾ سفير، ناڻي واري وزير کي 28 اپريل 2026ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطح جي يورپي يونين پاڪستان بزنس فورم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جنهن کي وزير قبول ڪري ورتو. ناڻي واري وزير ان موقعي تي افتتاحي اجلاس ۾ اُڀرندڙ ”پاڪستان: مراعتن، ترغيبن، سڌارن ۽ سيڙپڪاريءَ جي نَون موقعن“ جي موضوع تي اهم خطاب پڻ ڪندو. ناڻي واري وزير يورپي يونين طرفان عالمي ۽ مقامي ڪاروباري شخصيتن کي هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙيءَ طرح جا قدم پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ ڪاروباري ماحول ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ناڻي واري وزير حڪومت طرفان ڪُلي معيشت جي استحڪام برقرار رکڻ، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي مضبوط بنائڻ ۽ ڍانچه جاتي سڌارن ذريعي جٽادار ۽ جامع ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن تي پڻ روشني وڌي. هن ٻه طرفي ڀائيوارن جي لڳاتار سهڪار کي ساراهيندي چيو ته معاشي استحڪام لاءِ عالمي ڀائيواري نهايت اهم آهي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي پرڏيهي شعبي جي حوالي سان اميد جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت چٽاڀيٽي وڌائڻ، سيڙپڪاري جي وهڪري کي هٿي وٺرائڻ ۽ واپاري موقعن کي وسعت ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ان روشنيءَ ۾ هن جي ايس پي فريم ورڪ تحت اڳڀرائي جاري رهڻ جي اميد پڻ ظاهر ڪئي ۽ ان کي پاڪستان ۽ يورپي يونين جي معاشي ناتن جو هڪ اهم ٿنڀ قرار ڏنو، ڌُرين پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ اقتصادي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري تعاون کي هٿي وٺرائڻ جي عزم کي ورجايو.











