اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد علامه اقبال جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي جاري پيغام ۾ چيو آهي ته مفڪرِ اسلام علامه اقبال هڪ باوقار ۽ خودمختيار پاڪستان جو خواب ڏٺو، اقبال جو تصورِ پاڪستان هڪ فلاحي ۽ انصاف تي ٻَڌل رياست جي عڪاسي آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته اوڀر جي شاعر جو خواب اڄ به اسان جي قومي …
علامه اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي ڌار وطن جو شعور ڏنو: سينيٽر روبينه خالد

مزید خبریں
اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد علامه اقبال جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي جاري پيغام ۾ چيو آهي ته مفڪرِ اسلام علامه اقبال هڪ باوقار ۽ خودمختيار پاڪستان جو خواب ڏٺو، اقبال جو تصورِ پاڪستان هڪ فلاحي ۽ انصاف تي ٻَڌل رياست جي عڪاسي آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته اوڀر جي شاعر جو خواب اڄ به اسان جي قومي جدوجهد جو رُخ طئي ڪري ٿو. علامه اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ ڌار وطن جو شعور ڏنو. هن چيو ته مفڪرِ پاڪستان جو پيغام خودي، عمل ۽ اتحاد جو درس ڏئي ٿو. اقبال جو خواب هڪ مضبوط، خوشحال ۽ باوقار پاڪستان جو بنياد آهي. هن چيو ته اسان کي اقبال جي فڪر جي روشنيءَ ۾ پاڪستان کي حقيقي معنائن ۾ فلاحي رياست بڻائڻو پوندو. اوڀر جي شاعر جو فلسفو نوجوانن لاءِ اميد ۽ حوصلي جو پيغام آهي.











