اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي)واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان مشهور بزنس مين تيمور صديق جي قيادت ۾ ڪاروباري وفد اڱاري ڏينهن سندس آفيس م ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ اي ڪامرس ۽ اسڪلز ڊولپمينٽ تي ڀاڙڻ کي وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون. ثقافت ۽ سياحت بابت بلوچستان جي پارلياماني سيڪريٽري نوابزاده مير محمد زرين خان مگسي به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. بلوچستان ۾ …
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ڪاروباري وفد جي ملاقات، روانگي واپار وڌائڻ لاءِ اي ڪامرس ۽ اسڪلز ڊولپمينٽ تي ڳالهيون

مزید خبریں
اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي)واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان مشهور بزنس مين تيمور صديق جي قيادت ۾ ڪاروباري وفد اڱاري ڏينهن سندس آفيس م ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ اي ڪامرس ۽ اسڪلز ڊولپمينٽ تي ڀاڙڻ کي وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون. ثقافت ۽ سياحت بابت بلوچستان جي پارلياماني سيڪريٽري نوابزاده مير محمد زرين خان مگسي به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. بلوچستان ۾ هنرمندي ۽ سياحت کي هٿي وٺائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير چيو ته اي ڪامرس، اسڪلز ٽريننگ ۽ معيشت جي دستاويزي صورت سان روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ممڪن آهي، پاڪستان وٽ ٽيڪسٽائيل، چمڙي ۽ ويليو ايڊڊ مصنوعات ۾ روانگي واپار جي ترقي جا مضبوط ڍانچا موجود آهن. هن چيو ته مقامي هنر کي عالمي مارڪيٽن سان جوڙڻ لاءِ ڊجيٽل پليٽ فارمز ۽ پاليسي سپورٽ ضروري آهي. واپار واري وزير چيو ته بلوچستان ۾ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽرز ذريعي عورتن کي روزگار ۽ روانگي واپار جا موقعا ميسر ٿي رهيا آهن، صرف تربيت ڪافي ناهي، مقامي مصنوعات کي اي ڪامرس ذريعي عالمي خردارن تائين پهچائڻو پوندو. هن چيو ته ڊجيٽل واپار پري پري وارن علائقن لاءِ نيون روانگي واپار جون راهون کولي ڇڏيون آهن . روايتي صنعتون جيئن قالين ٺاهڻ ۽ دستڪاري اي ڪامرس ذريعي ٻيهر هٿي وٺي سگهن ٿيون. ڄام ڪمال خان چيو ته غير ستاويزي معيشت ٽيڪس ڏيندڙ ڪاروبار لاءِ غير منصفاڻي ڀيٽ پيدا ڪري ٿي، روانگي واپار ڪندڙن لاءِ ريگيوليٽري نظام ۾ بهتري ۽ ٽيڪس ريفنڊز جا مسئلا حل ڪيا پيا وڃن. پبلڪ پرائيويٽ شراڪتداري ۽ ڊجيٽل اڪانامي کي هٿي وٺائي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻايو ويندو.











