اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن، خيبر پختونخوا مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي ضمني چونڊ ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ 7 مئي تي مقرر ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ۾ اڱاري ڏينهن ايم پي اي جلال خان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن ، خيبر پختونخوا مان صوبائي اسيمبلي جي ميمبر جلال خان جي درخواست منظور ڪندي مراد سعيد جي نااهلي سبب خالي ٿيل …
اليڪشن ڪميشن ۾ خيبر پختونخوا مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي ضمني چونڊ ملتوي، ايندڙ ٻڌڻي 7 مئي تي ٿيندي

مزید خبریں
اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن، خيبر پختونخوا مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي ضمني چونڊ ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ 7 مئي تي مقرر ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ۾ اڱاري ڏينهن ايم پي اي جلال خان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن ، خيبر پختونخوا مان صوبائي اسيمبلي جي ميمبر جلال خان جي درخواست منظور ڪندي مراد سعيد جي نااهلي سبب خالي ٿيل ان سيٽ تي چونڊ روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سينيٽ جي سيٽ تي چونڊ کان اڳ آئيني شڪ شبها دور ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. خيبر پختونخواه مان سينيٽ جي ان سيٽ تي ضمني چونڊ 23 اپريل تي شيڊول هئي. ڪميشن ايندڙ ٻڌڻي لاءِ 7 مئي جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. ان لاءِ ڌرين کي نوٽيسز جاري ڪيا ويندا.











