اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب پاران اسٽيٽ بئنڪ کي وڌيڪ هڪ ارب ڊالر ملي ويا آهن. اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري بيان موجب 15 اپريل تي 2 ارب ڊالر اڳ ئي ملي چڪا آهن. 20 اپريل تي ويليو ڊيٽ تي هڪ ارب ڊالر مليا آهن جيڪا سعودي عرب پاران پاڪستان کي مالي مدد جي سلسلي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. اسٽيٽ بئنڪ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي …
سعودي عرب پاران پاڪستان کي وڌيڪ هڪ ارب ڊالر ملي ويا: اسٽيٽ بئنڪ

مزید خبریں
اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب پاران اسٽيٽ بئنڪ کي وڌيڪ هڪ ارب ڊالر ملي ويا آهن. اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري بيان موجب 15 اپريل تي 2 ارب ڊالر اڳ ئي ملي چڪا آهن. 20 اپريل تي ويليو ڊيٽ تي هڪ ارب ڊالر مليا آهن جيڪا سعودي عرب پاران پاڪستان کي مالي مدد جي سلسلي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. اسٽيٽ بئنڪ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته 20 اپريل تي ويليو ڊيٽ تي وڌيڪ هڪ ارب ڊالر ملي ويا آهن. ان کان اڳ 15 اپريل تي 2 ارب ڊالر ملي ويا هئا. ۽ هاڻي اهي هڪ ارب ڊالر ان پئڪيج جي ٻي قسط طور ڏنا ويا آهن. اها رقم سعودي عرب پاران پاڪستان لاءِ اعلان ڪيل 3 ارب ڊالرن جو ڊپازٽ پروگرام جو حصو آهي. جنهن جو مقصد پاڪستان جي ماڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ معيشت کي سهارو ڏيڻ آهي. ماهرن موجب ان سان نه رڳو پاڪستان جي فارن ايڪسچينج ريزروز ۾ بهتري ايندي پر روپئي تي دٻاءُ گهٽ ٿيڻ ۽ مالياتي استحڪام ۾ به مدد ملندي. اهي قدم ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط اقتصادي لاڳاپن جي عڪاسي به ڪن ٿا.











