اسلام آباد - 21 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چين جي سفير آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان پاران رابطن کي فروغ ڏيڻ جي مسلسل ڪوششن جي مڪمل حمايت جو اظهار …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چين جي سفير آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان پاران رابطن کي فروغ ڏيڻ جي مسلسل ڪوششن جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ان قدم جي واکاڻ ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪستان – چين اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي مضبوطي کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعلى سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو.











