علامه محمد اقبال پاڪستان جي تصور کي فڪري سگهه عطا ڪئي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 21 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شاعر مشرق، عظيم مسلم مفڪر ۽ ان بصيرت افروز شخصيت علامه محمد اقبال پاڪستان جي تصور کي فڪري سگهه عطا ڪئي، هو نه رڳو هڪ عظيم شاعر هو پر هڪ اهڙي فڪري، اخلاقي ۽ روحاني قوت هو جنهن مسلمان امت کي پاڻ آگاهي، فڪر جي آزادي، خودداري ۽ مسلسل جدوجهد جي راهه ڏيکاري. صدر آصف …

اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شاعر مشرق، عظيم مسلم مفڪر ۽ ان بصيرت افروز شخصيت علامه محمد اقبال پاڪستان جي تصور کي فڪري سگهه عطا ڪئي، هو نه رڳو هڪ عظيم شاعر هو پر هڪ اهڙي فڪري، اخلاقي ۽ روحاني قوت هو جنهن مسلمان امت کي پاڻ آگاهي، فڪر جي آزادي، خودداري ۽ مسلسل جدوجهد جي راهه ڏيکاري. صدر آصف علي زرداري اقبال ڏهاڙي (21 اپريل 2026ع) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ حڪيم الامت، شاعر مشرق، عظيم مسلم مفڪر ۽ ان بصيرت افروز شخصيت علامه محمد اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جنهن پاڪستان جي تصور کي فڪري سگهه عطا ڪئي. هو نه رڳو هڪ عظيم شاعر هو پر هڪ اهڙي فڪري، اخلاقي ۽ روحاني قوت هو جنهن مسلمان امت کي خود آگاهي، فڪر جي آزادي، خودداري ۽ مسلسل جدوجهد جي راهه ڏيکاري، زوال ۽ بي يقيني جي دور ۾ هن هڪ قوم جي اعتماد کي ٻيهر جلا بخشي، اقبال جي سوچ، اوڀر ۽ اولهه ٻنهي روايتن جي گهري مطالعي جي عڪاس آهي، هن ان وسيع فڪري ورثي مان فائدو کڻندي انصاف، وقار ۽ انساني صلاحيتن تي ٻڌل معاشري جو هڪ روشن تخيل پيش ڪيو. ايوان صدر پاران اجري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته علامه اقبال جو ڪلام ايشيا جي عروج ۽ انهن معاشرن جي بيداري جي پڻ ڳالهه ڪري ٿو جيڪو ڊگهي عرصي تائين ٻاهرئين قبضي جي اثر هيٺ آهي، اهو هڪ اهڙو موقف آهي جيڪو موجوده صديءَ ۾ پڻ پنهنجي اهميت برقرار رکي آهي. سندس پيغام جو مرڪز معاشي ۽ سماجي زندگي ۾ عدل ۽ انصاف جي سوچ هئي. هن انهن نظامن تي سوال اٿاريو جن ۾ پورهيتن کي انهن جي واجبي حق کان محروم رکيو وڃي ٿو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪم جي عظمت جي گهرج آهي ته ڪارڪنن کي انهن جي محنت جو منصفاڻو صلو ملي. معاشي ۽ سماجي زندگي ۾ انصاف تي ان جو اصرار هڪ منصفاڻي ۽ مستحڪم نظام جي جوڙجڪ جي لاءِ اڄ به اها ئي اهميت رکي ٿو. جديد دنيا کي اڄ به تڪرار ۽ ورڇ جهڙا سنگين چئلينجز درپيش آهن. اهڙين حالتن ۾ علامه اقبال جي فڪر، رهنمائي جو هڪ زندهه جاويد استعاره آهي. هن نفرت جي مقابلي ۾ محبت، ڏاڍ جي مقابلي ۾ انصاف ۽ مايوسي جي مقابلي ۾ اميد جو درس ڏنو. ان جي ويجهو پائيدار امن جو دارومدار رڳو سياسي معاهدن تي نه آهي پر شخص جي اصلاح ۽ اخلاقي ڪردار جي پختگي تي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته علامه اقبال فرمائي ٿو ته “آمديت احترام آدمي، باخبر شواز مقام آدمي” (انسانيت انسان جي احترام جو نالو آهي، انسان جي اصل مقام ۽ مرتبي کي سڃاڻو). اقبال جي فڪر جو هڪ اهم رخ معاشري جي سمورن طبقن جي لاءِ ان جي هڪ جهڙي اهميت آهي. هن نوجوانن کي بلند حوصلي ۽ نظم ۽ ضبط سان جدوجهد جي تلقين ڪئي. عورتن جي لاءِ هن معاشري ۾ هڪ باوقار ۽ فعال ڪردار تي زور ڏنو. شاگردن جي لاءِ هن علم کي ڪردار ۽ مقصديت سان ڳنڍيو ۽ عام شهرين جي لاءِ ديانتداري ۽ پاڻڀرائپ تي زور ڏنو. سندس پيغام جو محور خودي جي تربيت آهي، خودي جو اهو احساس جيڪو شخص کي اعتماد ۽ ذميواري سان عمل ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو. علامه اقبال تعليم کي رڳو روزگار حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه آهي پر فڪري ۽ اخلاقي تربيت جو وسيلو سمجهندو هو. ڪردارسازي، ذميواري ۽ مقصد تي ٻڌل سکڻ جي عمل تي ان جو اصرار اسان جي تعليمي ۽ سماجي نظامن جي جوڙجڪ جي لاءِ سڌوسنئون اهميت رکي ٿو. علم کي ڪردار جي تعمير ڪرڻ گهرجي، آگاهي کي ذميواري ۾ آڻڻ گهرجي ۽ مهارتن سان معاشري جي تعمير ڪرڻ گهرجي. هڪ مستحڪم، خودمختيار ۽ ترقي پسند پاڪستان جي تعمير جي لاءِ اهو موقف لازمي آهي. اقبال جي فڪري بلندي کي پاڪستان کان ٻاهر به تسليم ڪيو وڃي ٿو. ايران ۾ جتي فارسي ادبي روايت کي مرڪزي مقام حاصل آهي، ان جي شاعري کي انتهائي احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اهو ان جي فڪر جي گهرائي ۽ سگهه جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو مختلف ثقافتن ۽ معاشرن تائين پهچ رکي ٿي. اڄ جي ڏينهن اسان اقبال جي فڪر کي پنهنجي قومي زندگي ۽ عوامي طرز عمل ۾ شامل ڪرڻ جي اهميت جو ورجاءُ ڪري ٿو. ان جو اصل قدر هڪ منصفاڻي ۽ متوازن معاشري جي تعمير جي لاءِ سندس فڪر جي عملي طور تي لاڳو ٿيڻ ۾ لڪل آهي.

مزید خبریں