علامه اقبال جو فڪر اسان لاءِ اڄ به رهنمائي جو سرچشمو آهي: وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي

اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) ثقافت ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي علامه محمد اقبال جي 88هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مسلمان امت لاءِ سندس عظيم ڪردار کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته علامه اقبال جو فڪر پاڪستان جي مستقبل لاءِ اڄ به رهنمائي جو هڪ اثرائتو ۽ زنده ذريعو آهي. هن چيو ته خوداعتمادي، اخلاقي قوت، فڪري آزادي ۽ …

اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) ثقافت ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي علامه محمد اقبال جي 88هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مسلمان امت لاءِ سندس عظيم ڪردار کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته علامه اقبال جو فڪر پاڪستان جي مستقبل لاءِ اڄ به رهنمائي جو هڪ اثرائتو ۽ زنده ذريعو آهي. هن چيو ته خوداعتمادي، اخلاقي قوت، فڪري آزادي ۽ مسلسل جدوجهد تي ٻڌل سندس فلسفو اسان جي تعليمي نظام جي اصلاح، نوجوان نسل کي بااختيار بڻائڻ ۽ پنهنجي قومي ثقافتي ورثي کي هٿي وٺائڻ لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿو. علامه محمد اقبال جي ويجهو تعليم روزگار حاصل ڪرڻ جو ذريعو ناهي، پر ذهني، اخلاقي ۽ روحاني تربيت جو هڪ همه گير عمل آهي. اسان کي ان ئي فڪر جي روشني  ۾ پاڪستان ۾ اهڙو تعليمي نظام جوڙڻو آهي جيڪو ڪردار، ذميواري، تخليقي صلاحيت ۽ قومي مقصد جي شعور کي هٿي ڏئي. هن چيو ته علامه اقبال نوجوانن کي قومي ترقي لاءِ اهم قوت قرار ڏنو.يقينن اهو تمام ضروري آهي، ته سندس تربيت ۽ سگهه کي هٿي وٺائڻ ۽ وطن جي تعمير ۾ هاڪاري ۽ مقصد ڏيندڙ شرڪت لاءِ بهتر موقعا پيدا ڪيا وڃن. ان سان گڏوگڏ پاڪستان جي ثقافتي ورثي کي به فڪر اقبال جي روشني  ۾ محفوظ ڪرڻ ۽ هٿي ڏيڻ لازم آهي، ته جيئن اسان جو معاشرو پنهنجي قدرن سان جڙيل رهي ۽ گڏ ئي اعتماد سان ترقي جي راهه تي گامزن ٿئي. هن چيو ته اڄ يوم اقبال جي موقعي تي اسان ان عهد جي تجديد ڪيون ٿا ته اسان اهڙي پاڪستان جي تعمير لاءِ ڪوششن ۾ رهنداسين جيڪو علم سان مضبوط، ڪردار سان رهنمائي ماڻيندڙ، ثقافت سان مالامال ۽ سراپا عمل نوجوان نسل رکندڙ هجي، پاڪستان پائينده باد.

مزید خبریں