ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان

اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي رڪارڊ ڪئي وئي. 1900 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 100 انڊيڪس هڪ لک 74 هزار 36 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي هنڊريڊ انڊيڪس 1742 پوائنٽس جي گهٽتائي سان هڪ لک 72 هزار 196  پوائنٽس جي سطح …

اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي رڪارڊ ڪئي وئي. 1900 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 100 انڊيڪس هڪ لک 74 هزار 36 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي هنڊريڊ انڊيڪس 1742 پوائنٽس جي گهٽتائي سان هڪ لک 72 هزار 196  پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو. ٻئي پاسي ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ گڏيل رجحان برقرار رهيو. ڏکڻ ڪوريا جي ڪوپسي انڊيڪس ۾ 2.3 سيڪڙو جي تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جاپان جي نڪي انڊيڪس ۾ 1.28 سيڪڙو تيزي رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته ملائيشيا جي فٽسي برسا انڊيڪس ۾ 1.05  سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. ان کان علاوه هانگ ڪانگ ۽ ٿائيلينڊ جي مارڪيٽن ۾ به معمولي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. انڊونيشيا جي جڪارته ڪمپوزٽ  انڊيڪس ۾ 0.52 سيڪڙو جي ٻاڙائي ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن ته چين جي شنگهائي ڪمپوزٽ انڊيڪس ۾ 0.24 سيڪڙو اوسر رڪارڊ ٿي آهي.

مزید خبریں