نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان فون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين ۽ گڏيل رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. ڳالهه …

اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين ۽ گڏيل رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران، ٻنهي اڳواڻن بدلجندڙ علائقائي منظرنامي جي ڏس ۾ امن، استحڪام ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعميري رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين ان عزم کي ورجايو ته خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيُون وينديُون.

مزید خبریں