اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- ايران ناتن، خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ اسلام آباد ڳالهين جي ٻئي مرحلي جي انتظامن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ اسلام آباد جو چيف ڪمشنر، اسلام آباد پوليس جو آءِ جي ۽ اسلام آباد جو ڊپٽي ڪمشنر پڻ موجود هئا. گهرو وزير ايراني سفير کي …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ايراني سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- ايران ناتن، خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ اسلام آباد ڳالهين جي ٻئي مرحلي جي انتظامن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ اسلام آباد جو چيف ڪمشنر، اسلام آباد پوليس جو آءِ جي ۽ اسلام آباد جو ڊپٽي ڪمشنر پڻ موجود هئا. گهرو وزير ايراني سفير کي ٻُڌايو ته اسلام آباد ڳالهين جي ٻئي مرحلي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. هن وفد کي خاطري ڪرائي ته ڳالهين ۾ شرڪت ڪندڙ پرڏيهي وفدن لاءِ سيڪيورٽيءَ جا فول پروف انتظام يقيني بڻايا ويا آهن. محسن نقوي، ايراني سفير جي تازي ايران جي دؤري جي حوالي سان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪ- ايران ناتا ڏهاڪن تي ٻَڌل آهن ۽ پاڪستان ڀائراڻن ناتن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ايراني سفير خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي هاڪاري ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو. ملاقات دوران ايران- آمريڪا تڪرار تي ڳالهيون ڪندي گهرو وزير چيو ته پاڪستان ان تڪرار کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو داعي آهي. هن زور ڀريو ته ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ سفارتي ۽ ڳالهين وارن چينلز جو استعمال اڻٽر آهي، پائيدار ۽ جٽادار حل ئي خطي جي استحڪام ۽ امن جو واحد ضامن آهي. ڌُرين مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ علائقائي امن لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











