اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز کي ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائيءَ تي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردن خلاف وقت سر ۽ اثرائتي ڪارراوئي سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻي صلاحيتن جو چِٽو ثبوت آهي. اسپيڪر دهشتگردن جي مُک اڳواڻ سميت ٻين جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي جرائت ۽ بهادريءَ کي ساراهيو ۽ …
سردار اياز صادق پاران سيڪيورٽي فورسز کي بنون ۾ ڪامياب ڪارروائيءَ تي خراجِ تحسين

مزید خبریں
اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز کي ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائيءَ تي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردن خلاف وقت سر ۽ اثرائتي ڪارراوئي سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻي صلاحيتن جو چِٽو ثبوت آهي. اسپيڪر دهشتگردن جي مُک اڳواڻ سميت ٻين جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي جرائت ۽ بهادريءَ کي ساراهيو ۽ شهيد ليفٽيننٽ گل فراز سميت ٻين شهيدن جي رت جو بدلو وٺڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته ملڪ دشمن ڌُرين جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بنائڻ تي فورسز جون قربانيون فخر جوڳيون آهن، وقت سر ڪارروائيءَ سان ڪنهن وڏي امڪاني سانحي کي ناڪام بنائڻ سيڪيورٽي ادارن جي غير معمولي پيشيوراڻي صلاحيتن جو چِٽو ثبوت آهي، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته عزم استحڪام تحت دهشتگرديءَ خلاف جاري ڪارروايون ملڪ جي امن ۽ استحڪام لاءِ اڻٽر آهن. قوم کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر آهي جيڪا ملڪ جي دفاع ۽ امن جي قيام لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهي آهي.











