پاڪستان پنهنجي يورو بانڊ جي جاري ڪرڻ جو ڳاڻيٽو 750 ملين ڊالر وڌائي ڇڏيو: خرم شهزاد

اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته 4 سالن جي مُدي کان پوءِ عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ ڪامياب واپسيءَ کانپوءِ پاڪستان پنهنجي يورو بانڊ جي جاري ڪرڻ جو ڳاڻيٽو 750 ملين ڊالر وڌائي ڇڏيو، واڌو 250 ملين ڊالر عالمي اداره جاتي سيڙپڪارن کي گرين شو آپشن جي استعمال ذريعي جاري ڪيا ويا آهن. ايڪس تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن …

اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته 4 سالن جي مُدي کان پوءِ عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ ڪامياب واپسيءَ کانپوءِ پاڪستان پنهنجي يورو بانڊ جي جاري ڪرڻ جو ڳاڻيٽو 750 ملين ڊالر وڌائي ڇڏيو، واڌو 250 ملين ڊالر عالمي اداره جاتي سيڙپڪارن کي گرين شو آپشن جي استعمال ذريعي جاري ڪيا ويا آهن. ايڪس تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته واڌاري جو بنيادي ڪارڻ اميدن کان وڌيڪ سيڙپڪارن جي دلچسپي ۽ اعتماد آهي، جيڪو پاڪستان جي معاشي رُخ ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ ٻيهر شموليت جي حوالي سان هاڪاري اشارو آهي. 3 سالن جي يورو بانڊ کي ابتدائي طور تي 500 ملين ڊالر جي ڳاڻيٽي سان متعارف ڪرايو ويو هو، جڏهن ته عالمي سيڙپڪارن جي مضبوط طلب سبب حڪومت ڳاڻيٽو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته يورو بانڊ جي جاري ڪرڻ ۾ واڌ سان ان ڳالهه جي نشاندهي ٿي رهي آهي ته عالمي سيڙپڪار پاڪستان جي معاشي سڌارن ۽ مالياتي نظم و ضبط تي اعتماد ڪري رهيا آهن، ان اڳڀرائيءَ سان نه صرف ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻيءَ جي ذخيرن کي سهارو ملندو پر مستقبل ۾ وڌيڪ بانڊ جاري ڪرڻ لاءِ هڪ هاڪاري ماحول پيدا ٿيندو. صلاحڪار چيو ته سيڙپڪارن جي وڌندڙ دلچسپيءَ جي نتيجي ۾ انهن قدمن سان پاڪستان جي عالمي مارڪيٽن ۾ موجودگي مضبوط ٿيندي ۽ گلوبل ميڊيم ٽرم نوٽ تحت مستقبل ۾ وڌيڪ مالياتي قدمن لاءِ رفتار پيدا ٿيندي. خرم شهزاد چيو ته ان ڪاميابيءَ سان واضح ٿيو آهي ته پاڪستان ترتيبوار عالمي مالياتي نظام ۾ پنهنجو اعتماد بحال ڪري رهيو آهي ۽ جيڪڏهن اهوئي رجحان برقرار رهيو ته ايندڙ سالن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري، قرضن جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ معاشي استحڪام ۾ وڌيڪ بهتريءَ جي اميد آهي، مالياتي مارڪيٽن ۾ پاڪستان جي واپسي فقط هڪ مالياتي قدم ناهي پر اعتماد جي بحاليءَ جي علامت آهي.

مزید خبریں