اسلام آباد - 20 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ يورپي ڪائونسل جي صدر پائيدار علائقائي ۽ عالمي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف کي يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا جو فون

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ يورپي ڪائونسل جي صدر پائيدار علائقائي ۽ عالمي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم يورپي ڪائونسل جي صدر ڪوسٽا کي پاڪستان جي خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. صدر ڪوسٽا خطي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي چيو ته يورپي يونين ان عمل جي هر ممڪن حمايت جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن پائيدار علائقائي ۽ عالمي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان حوالي سان ٻنهي اڳواڻن رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.











