افغان شهرين جي طالبان رجيم ۽ ملاهيبت الله خلاف مهم زور پڪڙڻ لڳي

اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي) افغان شهرين جي طالبان رجيم ۽ ملاهيبت الله خلاف مهم زور پڪڙڻ لڳي. افغان طالبان رجيم جي معاشي پاليسين کان تنگ اچي افغان شهري، پاڪستاني عسڪري قيادت کان مدد جي اپيل ڪئي آهي. تفصيل مطابق ننگرهار ۾ طالبان جي ڪورهيڊڪوارٽر جي سامهون کان افغان شهري، فيلڊ مارشل جي نالي محبت ڀريل پيغام جاري ڪيو آهي. وڊيو ۾ افغان شهري، پاڪستان ۽ عسڪري قيادت سان پنهنجي …

اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي) افغان شهرين جي طالبان رجيم ۽ ملاهيبت الله خلاف مهم زور پڪڙڻ لڳي. افغان طالبان رجيم جي معاشي پاليسين کان تنگ اچي افغان شهري، پاڪستاني عسڪري قيادت کان مدد جي اپيل ڪئي آهي. تفصيل مطابق ننگرهار ۾ طالبان جي ڪورهيڊڪوارٽر جي سامهون کان افغان شهري، فيلڊ مارشل جي نالي محبت ڀريل پيغام جاري ڪيو آهي. وڊيو ۾ افغان شهري، پاڪستان ۽ عسڪري قيادت سان پنهنجي والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو آهي. افغان شهري، چيو ته غربت ۽ بيروز گاري کان افغانستان جا ماڻهون خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن. افغان شهري، فيلڊ مارشل کي اپيل ڪئي آهي ته هندوستان جي آله ڪار هيبت الله جي ڏاڍ کان اسان کي نجات ڏيارين. افغان شهري چيو ته فيلڊ مارشل. ايران جي حوالي سان توهان جي تازي قدمن کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، الله تعالي توهان جي مدد فرماءِ ۽ اسان کي به پنهنجي پناهه ۾ رکيو، الله توهان کي ڪاميابي عطافرمائي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته افغان شهري پرچي تي لکيل تحرير ذريعي به پاڪستان ۽ ان جي عظيم عسڪري قيادت سان والهاني محبت جو اظهار ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں