اسلام آباد -20 اپريل (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم پڄاڻي تي پهتي، جنهن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 47 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب اهو هدف پوليو ورڪرز جي اڻٿڪ محنت ۽ گهر گهر پهچ عيوض حاصل ٿيو آهي. اين اي او سي بيان ۾ چيو آهي ته مهم دوران ٻارن کي پوليو ويڪسين …
سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم پڄاڻي تي پهتي، 4 ڪروڙ 47 لک ٻارن کي ڦڙا پياريا ويا

مزید خبریں
اسلام آباد -20 اپريل (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم پڄاڻي تي پهتي، جنهن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 47 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب اهو هدف پوليو ورڪرز جي اڻٿڪ محنت ۽ گهر گهر پهچ عيوض حاصل ٿيو آهي. اين اي او سي بيان ۾ چيو آهي ته مهم دوران ٻارن کي پوليو ويڪسين سان گڏ وٽامن اي جي اضافي خوراڪ به فراهم ڪئي ئي. انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 2 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 4 لک کان وڌيڪ ، خيبر پختونخوا ۾ 72 لک 22 هزار کان وڌيڪ ۽ بلوچستان ۾ 26 لک 20 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا. اهڙي طرح اسلام آباد م 4 لک 41 هزار کان وڌيڪ، گلگت بلتستان ۾ 2 لک 92 هزار کان وڌيڪ جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ اٽڪل 7 لک 17 هزار ٻارن کي ڦڙا پياريا ويا. سينٽر موجب مهم جي ڪاميابي ۾ والدين ۽ مقامي برادري ڀرپور تعاون ڪيو. اداري سيڪيورٽي ادارن جي وقت سر ۽ اثرائتي سهڪار جي به تعريف ڪندي انهن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. بيان ۾ چيو ته جي پوليو جي خاتمي واري مهم جي ڪامياب بندوبست تي سمورن شراڪتدارن ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي تعاون تي دل جي گهرائين سان سندن ٿورو مڃون ٿا.











