ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي)واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 36 ھزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 47 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 47 هزار 200 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 76 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 76 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 32 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ …

اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي)واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 36 ھزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 47 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 47 هزار 200 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 76 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 76 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 32 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 17 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 5 هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 47 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 47 هزار 900 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 48 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 19 هزار ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 29 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي طرح آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1467.22 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.580 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح1160.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.126 ملين ايڪڙ فوٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں