ڪشمور پوليس جي اهم ڪارروائي، هڪ ڌاڙيل گرفتار، 04 عدد موٽر سائيڪلون، هڪ موبائل فون، روڪ رقم هٿ

لاڙڪاڻو _ 20 اپريل (اي پي پي)ڪشمور پوليس اهم ڪارروائي ۾ هڪ ڌاڙيل کي گرفتار ڪري 04 عدد موٽر سائيڪلون، هڪ موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪري ورتي آهي.ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو جي هدايتن تي ڏوهاري عنصرن خلاف هلندڙ ڪارروائين جي سلسلي ۾ اي ايس پي ڪشمور محمد نعمان جي اڳواڻي ۾ ايس ايڇ او ٿاڻو ڪشمور غلام قادر جتوئي ڪامياب ڪارروائي ڪندي هڪ خطرناڪ ڌاڙيل علي مراد …

لاڙڪاڻو _ 20 اپريل (اي پي پي)ڪشمور پوليس اهم ڪارروائي ۾ هڪ ڌاڙيل کي گرفتار ڪري 04 عدد موٽر سائيڪلون، هڪ موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪري ورتي آهي.ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو جي هدايتن تي ڏوهاري عنصرن خلاف هلندڙ ڪارروائين جي سلسلي ۾ اي ايس پي ڪشمور محمد نعمان جي اڳواڻي ۾ ايس ايڇ او ٿاڻو ڪشمور غلام قادر جتوئي ڪامياب ڪارروائي ڪندي هڪ خطرناڪ ڌاڙيل علي مراد ولد بخش علي محمداڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.گرفتار جوابدار مختلف وارداتن ۾ ملوث هو.گرفتار جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.بهترين ڪارڪردگي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ايس ايس پي ڪشمور ۽ ايس ايڇ او ڪشمور لاءِ تعريفي سندون ڏيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.