هلندڙ سال حج پانڌيئڙن لاءِ سهولت کي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي: وفاقي وزير سردار محمد يوسف

اسلام آباد - 18 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف تصديق ڪئي آهي ته هلندڙ سال حج پانڌيئڙن لاءِ سهولتن کي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتر بنايو پيو وڃي. هن حج پانڌيئڙن کي هدايت ڪئي ته پاڪستان مان پهرين حج اڏام جي روانگي سان ئي نظم و ضبط سان هدايتن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. ڇنڇر ڏينهن مقامي ميڊيا چينل سان ڳالهائيندي …

اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف تصديق ڪئي آهي ته هلندڙ سال حج پانڌيئڙن لاءِ سهولتن کي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتر بنايو پيو وڃي. هن حج پانڌيئڙن کي هدايت ڪئي ته پاڪستان مان پهرين حج اڏام جي روانگي سان ئي نظم و ضبط سان هدايتن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. ڇنڇر ڏينهن مقامي ميڊيا چينل سان ڳالهائيندي سردار محمد يوسف حاجين سڳورن لاءِ دعا ڪندي انهن لاءِ محفوظ سفر جي خواهش ۽ ڪنهن به قسم جي پريشاني کان پاڪ سفر لاءِ اميد جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير حج پانڌيئڙن تي زور ڀريو ته حج دوران سعودي قانونن جي مڪمل پابندي ڪن ڇاڪاڻ ته انهن ضابطن جي پابندي پاڪستان ۽ ميزبان ملڪ جي سٺي ساک کي برقرار رکڻ لاءِ تمام ضروري آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته مقامي قانونن جي احترام سان سمورن حاجين جي حفاظت ۽ وقار کي يقيني بڻايو ويندو. هن وزارت جي حج ڪيپمن ۾ جاري خدمتن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ جامع تربيت، ويڪسينيشن، تحفن جي تقسيم ۽ ٻين سهولتن کي اجاگر ڪندي چيو ته انهن قدمن جو مقصد ڪنهن ڏکيائي کانسواءِ حج پانڌيئڙن جي سفر کي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته حڪومتي حج اسڪيم تحڪ ڪل 468 اڏامون پاڪستان مان حج پانڌيئڙن کي ڀلي پار کڻي وينديون، اهي اڏامون ڪراچي، لاهور، سيالڪوٽ ۽ ملتان مان روانو ٿينديون. وفاقي وزير حج پانڌيئڙن لاءِ اپگريڊ ٿيل سهولتن کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ بهتر خوراڪ، رهائش ۽ اچ وڃ جون سهولتون شامل آهن جيڪي مقدس هنڌن تي ويندڙن وڌيڪ آرام واري ۽ منظر سفر کي يقيني بنائڻ آهي. سردار محمد يوسف چيو ته مان پاڻ سمورين تيارين جي نگراني ڪري رهيو آهيان. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته مڪو شريف ۽ مدينو شريف ۾ اسپتال ۽ ڊسپينسريون حج پانڌيئڙن جي آمد کان اڳ مڪمل طور تيار ۽ فعام هجن. 

مزید خبریں