واپار واري وفاقي وزير سان آر سي سي آءِ جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد - 18 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آءِ) جي صدر عثمان شوڪت ۽ سينئر نائب صدر خالد فاروق قاضي ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي تازي آمريڪا جي دوري کانپوءِ تفصليلي بريفنگ ڏني جنهن ۾ ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي مستقبل جي موقعن تي روشني وڌي وئي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان وفد …

اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آءِ) جي صدر عثمان شوڪت ۽ سينئر نائب صدر خالد فاروق قاضي ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي تازي آمريڪا جي دوري کانپوءِ تفصليلي بريفنگ ڏني جنهن ۾ ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي مستقبل جي موقعن تي روشني وڌي وئي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان وفد جي آمريڪي اسٽيڪ هولڊرز سان ويجهي متحرڪ رابطي کي ساراهيندي چيو ته ان طرح جون ڪوششون پاڪستان جي معاشي سفارتڪاري کي مضبوط بڻائڻ لاءِ نهايت اهم آهن. هن چيو ته چيمبرز ڪاروباري موقعن جي نشاندهي، عالمي رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۽ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومتي قدمن جي حمايت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان آمريڪا سان منظم ۽ ڪاروبار تي ٻڌل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن پائيدار واپاري ترقي ۽ صنعتي اوسر کي حاصل ڪري سگهجي. اجلاس دوران وفد آمريڪي قانون سازن، ڪاروباري اڳواڻن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ معاشي ترقي جي ادارن سان پنهنجي ملاقاتن جي اهم نتيجن کان آگاهه ڪيو. وفد ٻڌايو ته ان دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري لاڳاپن خاص ڪري اسٽيل، دواسازي، طبي اوزارن، معدنيات، کاڻون کوٽڻ ۽ ٽيڪنالاجي جهڙن شعبن کي وسعت ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي سامهون آئي. پڄاڻي تي وفد واپار واري وزارت سان ويجهو رابطو جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جئين آمريڪا جي دوري سان پيدا ٿيل هاڪاري اڳڀرائي کي پاڪستان لاءِ ٺوس معاشي نتيجن ۾ تبديل ڪري سگهجي. 

مزید خبریں