راولپنڊي، پشاور سميت مختلف شهرن ۾ 5.5 شدت جي زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد-18 اپريل(اي پي پي) راولپنڊي، پشاور سميت ٻين مختلف شهرن ۾ 5.5 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو. سوات، هنگو، اتر وزيرستان ۽ چترال جي علائقن ۾ پڻ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جي ماپ ڪندڙ اداري موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.5 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جي گهرائي 199 ڪلو ميٽر ۾ هئي. …

اسلام آباد-18 اپريل(اي پي پي) راولپنڊي، پشاور سميت ٻين مختلف شهرن ۾ 5.5 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو. سوات، هنگو، اتر وزيرستان ۽ چترال جي علائقن ۾ پڻ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جي ماپ ڪندڙ اداري موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.5 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جي گهرائي 199 ڪلو ميٽر ۾ هئي. زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش جابلو سلسلي وارو علائقو هو. زلزلي جا لوڏا صوبي جي مختلف علائقن جن ۾ پشاور، چارسده، نوشهره، هري پور، مالاڪنڊ، صوابي، خيبر، سوات، بونير، چترال ۽ شانگلا جا علائقا شامل آهن محسوس ڪيا ويا. جڏهن ته زلزلي جا لوڏا افغانستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا آهن، اختيارين تصديق ڪئي آهي ته زلزلي جي نتيجي ۾ ڪنهن به مالي يا جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.

مزید خبریں