انطاليه - 17 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۾ پائيدار ۽ مستحڪم امن جي فروغ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. اها ملاقات انطاليه ۾ منعقد پنجين انطاليه ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي ٿي. نائب …
وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ٻطرفي ملاقات، اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
انطاليه – 17 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۾ پائيدار ۽ مستحڪم امن جي فروغ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. اها ملاقات انطاليه ۾ منعقد پنجين انطاليه ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اعلى سرڪاري عملدارن کانسواءِ ترڪيه جو پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ۽ ٻيا اعلى ترڪ عملدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. گرمجوش ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿيندڙ ان ملاقات ۾ صدر اردوان وزيراعظم جي ترڪيه اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ انطاليه ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت تي سندس ٿورا ادا ڪيا. هن وزيراعظم جي امن جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ترڪيه خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم صدر اردوان پاران شاندار دعوت ۽ انطاليه ۾ قيام دوران پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي روايتي ترڪ مهمان نوازي تي سندس ٿورا مڃيا. هن انطاليه ڊپلوميسي فورم جي ڪامياب انعقاد تي ترڪ صدر کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هي فورم هڪ اهم عالمي تقريب جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. ٻنهي اڳواڻن تازي علائقائي اڳڀرائي، خاص طور تي وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي امن ڪوششن جي ڀرپور حمايت ۽ حوصلا افزائي تي صدر اردوان جا ٿورا ادا ڪيا ۽ کيس جنگبندي ۾ توسيع ۽ ڳالهه ٻولهه جي بحالي جي حوالي سان تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ته جيئن هڪ پائيدار امن معاهدو ممڪن بڻائي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موجوده موقعي مان ڀرپور فائدو کڻندي خطي ۾ پائيدار ۽ مستحڪم امن کي فروغ ڏنو وڃي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهري، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن هن سال جي آخر ۾ انقره ۾ اٺين اعلى سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جاري قدمن تي تيزي سان عملدرآمد ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا ڳولڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪا ڀائراڻي لاڳاپن ۽ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهي.











