انطاليه-17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪي صدر جي عرب ۽ آفريقي معاملن بابت سينئر صلاحڪار مسعد بولوس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ونگ مان جاري بيان موجب اها ملاقات انطاليه ۾ رٿيل پنجين انطاليه ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي ٿي. ملاقات دوران وزيراعظم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ ان سان پنهنجي خوشگوار ۽ دوستاڻن ملاقاتن کي ياد …
وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي صدر جي عرب ۽ آفريقي معاملن بابت سينئر صلاحڪار مسعد بولوس جي ملاقات

مزید خبریں
انطاليه-17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪي صدر جي عرب ۽ آفريقي معاملن بابت سينئر صلاحڪار مسعد بولوس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ونگ مان جاري بيان موجب اها ملاقات انطاليه ۾ رٿيل پنجين انطاليه ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي ٿي. ملاقات دوران وزيراعظم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ ان سان پنهنجي خوشگوار ۽ دوستاڻن ملاقاتن کي ياد ڪيو. هن صدر ٽرمپ جي جرئتمداڻي ۽ فيصلائتي قيادت کي ساراهيو، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل سال پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ جي دروازي تي پهتل صورتحال ۾ جنگ بندي ممڪن ٿي. وزيراعظم لبنان ۾ جنگ بندي جي ڪامياب پڄاڻي ۾ به صدر ٽرمپ جي قيادت کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي امن ڪوششن، جنگ بندي ۽ تاريخي اسلام آباد ڳالهيون شامل هيون. وزيراعظم خاص ڪري اقتصادي ۽ واپاري تعاون سميت گهڻ رخي سفارتڪاري ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. مسعد بولوس وزيراعظم کي صدر ٽرمپ طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ خطي ۾ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن دهشتگردي خلاف قدمن، اقتصادي ترقي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ سميت گڏيل ترجيحن تي پاڪستان سان جاري تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ آمريڪا جي دلچسپي جو عزم ورجايو.











