انطاليه-17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجيب طيب اردوان، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيف، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، شام جي صدر احمد الشرح سميت مختلف ملڪن جي صدرن ۽ عالمي اڳواڻن سان غير رسمي ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جون عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون انطاليه ڊپلوميسي فورم …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جون مختلف ملڪن جي صدرن ۽ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون

مزید خبریں
انطاليه-17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجيب طيب اردوان، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيف، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، شام جي صدر احمد الشرح سميت مختلف ملڪن جي صدرن ۽ عالمي اڳواڻن سان غير رسمي ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جون عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون انطاليه ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي ٿيون. وزيراعظم جون ترڪ صدر رجب طيب اردوان، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيف، آذربائيجان جي صدر الهام علويف، شام جي صدر احمد الشرح سان ملاقاتون ٿيون. جن ۾ خوشگوار ماحول ۾ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم جي قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني ۽ ڪوسوو جي اڳوڻي صدر ويوسا عثماني سان به ملاقاتون ٿيون.پاڪستان طرفان وچ اوڀر ۽ نار ۾ جنگ بندي ۽ امن جي قيام لاءِ ڳالهين جي ڪوششن ۽ پاڪستاني قيادت جي فعال ڪردار سبب وزيراعظم عالمي اڳواڻن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو. ملاقاتن ۾ عالمي ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.











