اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لبنان ۾ جنگ بندي جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو ته ان سان پائيدار امن جي راهه هموار ٿيندي. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هو لبنان ۾ جنگ بندي جي اعلان جي آجيان ڪري ٿو جيڪو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اڳواڻي ۾ جرئتمنداڻي ۽ دانشمنداڻي سفارتي ڪوششن ذريعي ممڪن ٿيو. هن چيو ته مون کي اميد آهي …
لبنان ۾ جنگ بندي جي اعلان جي آجيان، پائيدار امن لاءِ راهه هموار ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لبنان ۾ جنگ بندي جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو ته ان سان پائيدار امن جي راهه هموار ٿيندي. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هو لبنان ۾ جنگ بندي جي اعلان جي آجيان ڪري ٿو جيڪو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اڳواڻي ۾ جرئتمنداڻي ۽ دانشمنداڻي سفارتي ڪوششن ذريعي ممڪن ٿيو. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته ان سان پائيدار امن لاءِ راهه هموار ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ پنهنجي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڪيل سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.











