نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انطاليه ۾ ٿيل انطاليه ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي  بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي پرڏيهي وزير ايميدين ڪوناڪووچ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بوسنيا ۽ هرزويگوونيا وچ ۾ گهرن ۽ مضبوط تاريخي لاڳاپن کي ورجائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن مشڪل حالتن ۽ بحراني دورن ۾ هميشه …

اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انطاليه ۾ ٿيل انطاليه ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي  بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي پرڏيهي وزير ايميدين ڪوناڪووچ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بوسنيا ۽ هرزويگوونيا وچ ۾ گهرن ۽ مضبوط تاريخي لاڳاپن کي ورجائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن مشڪل حالتن ۽ بحراني دورن ۾ هميشه هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. ٻنهي اڳواڻن طرفان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو ويو.

مزید خبریں