نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي انطاليه ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

انطاليه-17 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انطاليه ڊپلوميسي فورم 2026ع جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر خليل الرحمان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته علائقائي صورتحال ۽ ڳالهين جي سهولتڪاري ۾ پاڪستان جي ڪردار …

انطاليه-17 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انطاليه ڊپلوميسي فورم 2026ع جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر خليل الرحمان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته علائقائي صورتحال ۽ ڳالهين جي سهولتڪاري ۾ پاڪستان جي ڪردار تي به ڳالهيون ٿيون. ٻنهي اڳواڻن مستقبل ۾ مثبت ۽ تعميري رابطن کي جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں