مواصلات جي وفاقي وزير جي ترڪ سفارتخاني آمد، ترڪيه جي ٻن اسڪولن ۾ فائرنگ سبب ٿيل فوتگين تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد-17 اپريل(اي پي پي) مواصلات جي وفاقي وزير عبدالعليم خان ترڪيه جي صوبن شانلي اورفا ۽ قهر امان ماراش جي اسڪولن ۾ پيش آيل فائرنگ جي واقعن سبب ٿيل فوتگين تي ترڪيه جي سفارتخاني وڃي تعزيت ڪئي. وفاقي وزير ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر عرفان نزيراوغلو سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته پاڪستاني قوم ڏک جي هن گهڙي ۾ پنهنجي ترڪ ڀائرن سان گڏ آهي. هن چيو ته معصوم ٻارن …

اسلام آباد-17 اپريل(اي پي پي) مواصلات جي وفاقي وزير عبدالعليم خان ترڪيه جي صوبن شانلي اورفا ۽ قهر امان ماراش جي اسڪولن ۾ پيش آيل فائرنگ جي واقعن سبب ٿيل فوتگين تي ترڪيه جي سفارتخاني وڃي تعزيت ڪئي. وفاقي وزير ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر عرفان نزيراوغلو سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته پاڪستاني قوم ڏک جي هن گهڙي ۾ پنهنجي ترڪ ڀائرن سان گڏ آهي. هن چيو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائڻ هڪ انتهائي ظالماڻو قدم آهي جيڪو انسانيت جي اصولن جي سخت ڀڃڪڙي آهي. جمعي تي جاري ڪيل بيان ۾ عبدالعليم خان چيو ته ذهني مسئلن جي حل ۽ هٿيارن ذريعي تشدد جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ گڏيل ترجيح هجڻ گهرجن. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته مضبوط ۽ مستحڪم خانداني نظام معاشري ۾ اهڙن افسوس جوڳن واقعن جي روڪ ٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.ان موقعي تي هن فائرنگ ۾ فوت ٿي ويلن جي بلند درجن ۽ ڏکويل ڪٽنبن جي صبر تحمل ۽ زخمين جي جلد صحت يابي  لاءِ ڌڻي در دعا ڪئي. ان موقعي تي  ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر عرفان نزير اوغلو وفاقي وزير عبدالعليم خان جو شڪريو ادا ڪندي  پاڪستاني عوام پاران يڪجهتي واري اظهار جي پڻ واکاڻ ڪئي. ٻنهي ڌرين خطي جي موجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں