ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد - 17 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 21 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 30 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 هزار 600 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 54 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 54 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 26 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 17  هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.آبي ذخيرن جي …

اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 21 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 30 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 هزار 600 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 54 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 54 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 26 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 17  هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1467.27 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.582 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1159.85 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 2.112 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.10 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.263 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں