اسلام آباد-17 اپريل(اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي جنهن دوران تبديل ٿيندڙ علائقائي صورتحال سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. گورنر آفيس مان جاري ٿيل بيان موجب برطانوي هاءِ ڪمشنر ايران آمريڪا جنگ بندي ۾ پاڪستان جي بهترين سفارتڪاري ۽ تعميراتي ڪوششن جي تعريف ڪئي.ملاقات ۾ توانائي، سلامتي ۽ معدنيات …
خيبر پختونخواه جي گورنر سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، ٻه طرفي سهڪار تي ڳالهيون

مزید خبریں
اسلام آباد-17 اپريل(اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي جنهن دوران تبديل ٿيندڙ علائقائي صورتحال سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. گورنر آفيس مان جاري ٿيل بيان موجب برطانوي هاءِ ڪمشنر ايران آمريڪا جنگ بندي ۾ پاڪستان جي بهترين سفارتڪاري ۽ تعميراتي ڪوششن جي تعريف ڪئي.ملاقات ۾ توانائي، سلامتي ۽ معدنيات جي شعبن، سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ، پائيدار ترقي لاءِ ٽيڪنيڪل سهڪار ۽ اداره جاتي شراڪت داري کي هٿي وٺائڻ تي اتفاق ڪيو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڪستان خطي ۽ سڄي دنيا ۾ امن استحڪام لاءِ ڳالهين ۽ سفارتي رابطا جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي مان وڏي تعداد ٽيڪنيڪل ماهرن سميت مختلف شعبن ۾ مهارت رکندڙ نوجوانن جو وڏو انگ برطانيا ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. برطانوي حڪومت پاران صوبي جي با صلاحيت نوجوانن لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پر اميد آهي. برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪي پي ڪي جي گورنر جي مان ۾ آجياڻو ڏنو.











