وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪ پرڏيهي وزير جي ملاقات، انطاليا ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت لاءِ آمد تي ٿورو مڃيو

انطاليا-17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪ پرڏيهي وزير حاقان فيدان ملاقات ڪئي ۽ انطاليا ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت لاءِ آمد تي سندس شرڪيو ادا ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ خاص مددگار سيد طارق فاطمي به ان موقعي تي موجود هئا. پرڏيهي وزير حاقان فيدان وزيراعظم شهباز شريف کي انطاليا ڊپلوميسي …

انطاليا-17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪ پرڏيهي وزير حاقان فيدان ملاقات ڪئي ۽ انطاليا ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت لاءِ آمد تي سندس شرڪيو ادا ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ خاص مددگار سيد طارق فاطمي به ان موقعي تي موجود هئا. پرڏيهي وزير حاقان فيدان وزيراعظم شهباز شريف کي انطاليا ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت تي ڀليڪار چيو. هن چيو ته صدر رجب طيب اردوان انطاليا ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي وزيراعظم سان ملاقات جو منتظر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀرپور آجيان ۽ روايتي مهمان نوازي تي ترڪ پرڏيهي وزير حاقان فيدان جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته اهو هن لاءِ خوشي جو موقعو آهي ته هو ٻئي گهر دوري تي آهيان. انطاليا ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت ۽ صدر رجب طيب اردوان سان انطاليا ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي ملاقات هن لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي.

مزید خبریں