اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاس 2026ع جي موقعي تي جي پي مورگن جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان: معاشي ۽ مالياتي پاليسي جو جائزو“ جي عنوان هيٺ منعقد سيڙپڪاري سيمينار ۾ شرڪت ڪئي جتي هن عالمي سيڙپڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي اسٽيٽ بينڪ جو گورنر پڻ شريڪ هو. شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ ناڻي …
ناڻي واري وزير پاران پاڪستان جي معاشي ۽ مالياتي پاليسي جو جائزو، سيمينار ۾ شرڪت، عالمي سيڙپڪارن سان ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاس 2026ع جي موقعي تي جي پي مورگن جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان: معاشي ۽ مالياتي پاليسي جو جائزو“ جي عنوان هيٺ منعقد سيڙپڪاري سيمينار ۾ شرڪت ڪئي جتي هن عالمي سيڙپڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي اسٽيٽ بينڪ جو گورنر پڻ شريڪ هو. شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسلٽي (اي ايف ايف) جي ٽيئن جائزي ۽ ريزيلينس ۽ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي (آر ايس ايف) جي ٻئي جائزي جي لاءِ اسٽاف ليول معاهدو مڪمل ڪي ورتو آهي جنهن جي منظوري جلد متوقع آهي. سينيٽر اورنگزيب ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان پنهنجون سموريون پرڏيهي مالياتي ذميداريون بروقت پوريون ڪندو. ان حوالي سان سعودي عرب طرفان فراهم ڪيل مالي معاونت کي هن اهم قرار ڏنو. ناڻي واري وزير سيڙپڪارن کي پاڪستان جي پهرين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ متعلق اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو جيڪو مالي وسيلن کي بهتر بنائڻ لاءِ حڪمت عملي جو حصو آهي. هن خطي ۾ جاري صورتحال جي تناظر ۾ توانائي جي فراهمي جي انتظام متعلق حڪمت عملي تي پڻ تفصيلي روشني وڌي، جنهن ۾ طلب جي انتظام، مارڪيٽ مطابق فيصلا ۽ مڪمل قيمتن جي منتقلي شامل آهي جڏهن ته ڪمزور طبقن جي لاءِ هدفي ڊجيٽل سبسڊيز فراهم ڪيون پيون وڃن. ويهڪ جي پڄاڻي تي سوال جوابن جو سيشن ٿيو جنهن ۾ سيڙپڪارن آءِ ايم ايف جي امڪاني اضافي معاونت، نجڪاري پروگرام ۽ موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جي ڪردار متعلق سوال ڪيا.











