اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان يورپي يونين جي سفير ريمونڊس ڪاروبلس سان ملاقات ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان- يورپي يونين بزنيس فورم هلندڙ مهيني جي آخر ۾ منعقد ٿيندو، جنهن سان ڪاروباري رابطن ۾ اضافو ۽ روانگي واپار جي اضافي جا نوان رستا کلڻ جو امڪان آهي. گذريل ڏينهن …
واپار واري وزير ڄام ڪمال خان جي يورپي يونين جي سفير ريمونڊس ڪاروبلس سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان يورپي يونين جي سفير ريمونڊس ڪاروبلس سان ملاقات ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان- يورپي يونين بزنيس فورم هلندڙ مهيني جي آخر ۾ منعقد ٿيندو، جنهن سان ڪاروباري رابطن ۾ اضافو ۽ روانگي واپار جي اضافي جا نوان رستا کلڻ جو امڪان آهي. گذريل ڏينهن جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير پاڪستان ۾ مقرر يورپي يونين جي سفير ريمونڊس ڪاروبلس سان ملاقات ۾ اها ڳالهه ڪئي. ملاقات دوران واپار واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان- يورپي يونين بزنيس فورم 28 ۽ 29 اپريل 2026ع تي اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿيندو، جنهن ۾ 300 کان وڌيڪ يورپي ڪمپنين جي شرڪت متوقع آهي. هن چيو ته فورم دوران پاڪستان ۽ يورپي ڪمپنين دوران سوين بزنيس ٽو بزنيس ملاقاتون ٿينديون، جيڪي گڏيل واپاري رباطن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته بزنيس فورم پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪندو ۽ ملڪ جو هاڪاري ۽ ڪاروبار دوست تشخص اجاگر ڪندو. هن چيو ته حڪومت ان اهم ايونٽ جي ڪاميابي جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي ۽ ان کي مستقبل ۾ هڪ مستقل پليٽ فارم بنائڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. يورپي سفير پاڪستان جي روانگي واپار واري ڪارڪردگي ۾ جنرلائيزڊ اسڪيم آف پريفرينسز پلس جي اهم ڪردار کي واکاڻيندي ان کي پاڪستاني روانگي واپار جي لاءِ هڪ اهم ٿنڀ قرار ڏنو. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٽيرف سڌارن ۽ـ آمدني واپار واري پاليسي ۾ بهتري جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته سيڙپڪارن جي اعتماد لاءِ شفاف ۽ مستحڪم پاليسين جي فراهمي اڻ ٽر آهي.











