اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس

راولپنڊي - 16 اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس راولپندي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته سڄي ضلعي ۾ جاري سمورن ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي اندر مڪمل ڪيو وڃي ۽ انهن جي …

راولپنڊي – 16 اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس راولپندي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته سڄي ضلعي ۾ جاري سمورن ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي اندر مڪمل ڪيو وڃي ۽ انهن جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي. اجلاس ۾ راولپنڊي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کانسواءِ مختلف سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. لاڳاپيل ادارن جي نمائندن پنهنجي پنهنجي شعبن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي جاري ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي بئريسٽر دانيال چوڌري پنجاب جي وزيراعلى مريم نواز جي قيادت ۾ راولپنڊي ضلعي ۾ جاري ترقياتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته تعليم، صحت، صفائي ۽ ٻين بنيادي شعبن ۾ بهتري جي لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. هن نئين تعليمي ۽ صحت مرڪزن جي قيام، اسپتالن جي تعمير، اسڪولن جي اپ گريڊيشن ۽ اسپيشل نيڊ شاگردن جي لاءِ اسڪول بسن جي فراهمي کي عوامي ڀلائي جا اهم قدم قرار ڏنو. هن عوامي مسئلن جي فوري حل ۽ بنيادي سهولتن جي هيٺئين سطح تائين فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. بئريسٽر دانيال چوڌري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومتي ويزن موجب راولپنڊي ضلعي جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا ته جيئن شهرين کي بهتر سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.

مزید خبریں